ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت امن امان جي خراب صورتحال ۽ دهشتگردن جي حملن ۾ واڌ سبب رات جو سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. هلندڙ سال جي ابتدائي ٽن مهينن دوران مختلف سببن جي ڪري 64 ڀيرا هاءِ ويز بند رهيا آهن. جن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ مان مسافرن کي لاهي قتل ڪيو ويو. ڪوئٽا کان سکر، ڪوئٽا کان گوادر ۽ ڪراچي، ڪوئٽا کان خيبر پختونخواهه شام 6 وڳي کان صبح ٿيڻ تائين مسافر بسون ۽ ڪوچز سفر نه ڪنديون. ٽرانسپورٽرز تي لازم آهي ته هر مسافر گاڏي ۾ سي سي ٽي وي لڳائي وڃي. ان ڏس ۾گوادر، ڪڇي، ژوب، نوشڪي ۽ موساخيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪوئيٽا جي ڪمشنر حمزه شفقات ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ “اهو فيصلو ڪيو ويو ته عوامي ٽرانسپورٽ کي ڪراچي-ڪوئيٽا هاءِ وي (N-25)، جنهن کي آر سي ڊي هاءِ وي پڻ چيو ويندو آهي، رات جي سفر کان منع ڪئي آهي. جنهن سان بلوچستان جو سنڌ سان رات جو زميني رابطو ڪٽجي ويندو.”ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته بسون ۽ ڪوچز وقت تي نڪرن ته جيئن سفر ۾ دير نه ٿئي.سڀني بسن ۽ ڪوچز ۾ ٽريڪرز ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون فعال رکڻ جو بندوبست ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽرانسپورٽرن کي حڪومتي هدايتن تي عمل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. 28 مارچ تي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن مطابق، گوادر جي ڊپٽي ڪمشنر حمود الرحمان اعلان ڪيو ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي (N-10) تي رات جي وقت عوامي ٽرانسپورٽ تي پابندي ايندڙ حڪم تائين لاڳو رهندي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “مسافرن جي سيڪيورٽي” کي نظر ۾ رکندي، انتظاميه ۽ خانگي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي، گوادر ۽ ڪوئيٽا مان روانگيءَ جا وقت مقرر ڪيا وڃن ته جيئن گاڏيون رات ٿيڻ کان اڳ منزل تي پهچي سگهن. ڪراچي يا ڪوئيٽا کان گوادر ويندڙ سموري ٽرانسپورٽ صبح 5 وڳي کان 10 وڳي تائين رواني ٿيندي، جڏهن ته گوادر کان انهن ٻنهي شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏيون صبح 6 وڳي کان 1 وڳي تائين سفر ڪري سگهن ٿيون. ڪڇي جي ڊپٽي ڪمشنر جهانزيب لانگو جي هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ پڻ حڪم ڏنو ويو ته ڪوئيٽا-سکر هاءِ وي (N-65) تي 28 مارچ کان رات 5 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين عوامي ۽ خانگي ٽرانسپورٽ جي آمدرفت تي پابندي هوندي، جنهن سان صوبي جو رات جو سنڌ سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو. نوٽيفڪيشن موجب، انهن مقرر ڪيل ڪلاڪن دوران سبي کان ڪوئيٽا ايندڙ گاڏين کي سبي جي ناڙي ندي ڪناري روڪيو ويندو، جڏهن ته ڪوئيٽا کان ايندڙ گاڏين کي ڪولپور وٽ روڪيو ويندو. ژوب جي ڊپٽي ڪمشنر محبوب احمد به هڪ الڳ حڪم جاري ڪندي عوامي بسن ۽ ڪوچز تي پابندي لڳائي آهي، ته اهي ژوب کان ٿيندي (N-50) نيشنل هاءِ وي، جيڪا ڪوئيٽا کي خيبرپختونخوا جي ڊيره اسماعيل خان سان ڳنڍي ٿي، تي رات جو سفر نه ڪن. ٽرانسپورٽرن کي 27 مارچ کان رات 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ساڳي طرح نوشڪي جي ڊپٽي ڪمشنر امجد سومرو ۽ موساخيل جي ڊپٽي ڪمشنر جمعه داد مندوخيل پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي عوامي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي، ته اهي ڪوئيٽا-تفتان (N-40) ۽ ملتان-لورالائي (N-70) هاءِ ويز تي رات 6 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين سفر نه ڪن.
