بلوچستان: نامعلوم لاشن جو نئون قبرستان

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي شهر ڪوئٽا کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع دشت نامي علائقي ۾ جتي پري پري تائين ڪا آبادي ناهي، اتي هڪ نئين وسندي آباد ٿي رهي آهي.نئين وستي زنده انسانن جي نه پر بلوچستان جي گمشده ماڻهن جي قبرن تي مشتمل آهي.هن قبرستان کي اڍائي سال مس ٿيا آهن ۽ هي ايڌي فائونڊيشن جو ٽيون قبرستان آهي. بي بي سي، جي نمائندي رياض سهيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪوئٽا سبي روڊ تي واقع هن قبرستان ۾ ڏيڍ سوُ قبرون آهن. جن ۾ ڏهه قبرون هنهن مسخ شده لاشن جون آهن جن کي هلندڙ سال 9 جنوري تي دفن ڪيو ويو هو. اهي لاش پهاڙن مان آڻي هتي دفن ڪيا ويا هئا. رپورٽ موجب ايڌي فائونڊيشن جي عملي مطابق کين گذريل 26 مهينن ۾ 131 تشدد ٿيل اهڙا لاش مليا آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ۽ هنن اهي سڀ لاش امانتن هن قبرستان ۾ دفن ڪيا آهن.رپورٽ موجب اڪثر لاش ڪوئٽا، قلات، مستونگ، تربت، آواران، ڊيرو بگٽي، خضدار، پشين، ڪچلاڪ ۽ ٻين علائقن مان مليا، جيڪي ڳريل ۽ سڙيل حالت ۾ هئا ۽ ناقابل شناخت هئا. واضح رهي ته ڊيره بگٽي ۽ بلوچستان جي ٻٿن علائقن مان اجتماعي قبرون ملڻ جون خبرون به اينديون رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو