اعجاز ممنائي
گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائيون ڪندي 23 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ايف سي جا 18 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب قلات جي علائقي منگوچر ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن به حصو ورتو.
ڪارروائي دهشتگردن طرفان روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪئي وئي، جنهن دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته منگوچر آپريشن ۾ دهشتگردن سان وڙهندي 18 ايف سي جوان شهيد ٿي ويا.مطلب ته بلوچستان ۾ هڪ دفعو وري دهشتگردي ۽ شدت پسندي جون ڪارروايون وڌي ويون آهن.بلوچستان ۾ جنرل مشرف جي زماني کان وٺي آپريشن هلندڙ آهي، جنهن لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو اهو موقف آهي ته اهو عليحدگي پسندن خلاف آپريشن آهي، جڏهن ته معيشت دان چون ٿا ته بلوچستان گئس، ٽامي ۽ ٻين معدني وسيلن ۾ شاهوڪار سرزمين هجڻ سبب مقامي ماڻهو انهن وسيلن، انهن جي استعمال، پاليسي ۽ اقتدار ۾ وڌيڪ حصو گهرن ٿا۔پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪالهه دهشتگردن روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور متحرڪ ٿيا ۽ دهشتگردن جي ڪارروائي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو.گذريل چند مهينن کان لڳاتار اهي خبرون اچي رهيون هيون ته ويڙهاڪ ٽولن جا مکيه اڳواڻ آپريشن ۽ ڪاررواين دوران مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي عليحدگي پسند ٽولن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ صوبي جي ترقي لاء ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو. پر ايتري سخت حفاظتي اپائن واري صوبي ۾ جتي لڳاتار آپريشن جاري رهيو هجي، اتي دهشتگردن پاران اهڙي قسم جا واقعا عام ماڻهو جي سمجهه ۾ نٿا اچن. اهي شدت پسند عليحدگي پسند لڏي جا هجن يا ٻئي ڪنهن مذهبي انتها پسند گروپ جا، انهن کي ڪيئن ايتري وٿي ملي ٿي وڃي ، جو هو بي خوف ٿي ڪارروائي ڪري هليا ٿيا وڃن.ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديء جا واقعن کانپوء سرڪار جو چوڻ هو ته اها دهشتگردي سرحد پار يعني افغانستان کان ٿئي ٿي ۽ افغاني ماڻهو ماري سرحد پار ڪري هليا ٿا وڃن پر بلوچستان ۾ وڌندڙ دهشتگرديء جي واقعن ۾ ڪير ملوث آهي جو عام ماڻهن سان گڏ سيڪيورٽي فورسز کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن ۽ عدم استحڪام وڌي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تاءُ موجود آهي. ان تاءَ جا ڪجهه واقعا جهيڙي جي شڪل ۾ سامهون اچي چڪا آهن. پاڪستان کي اها به شڪايت آهي ته ايران پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ بلوچستان جي عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي پر ايران انهيء تاثر کي اجائي پروپيگنڊا چئي چڪو آهي۔ پاڪستان توڙي افغانستان ۾ موجود طالبان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پاڪستان، چين ۽ روس ڪوششون ورتيون پر کين مثبت نتيجا نه ملي سگهيا ڇوته افغاني طالبان جي پٺبرائي اڃا به آمريڪا ڪري رهيو آهي ان حساب سان آمريڪا، ايران ۽ ڀارت جي چيني اقتصادي راهداري منصوبي مان به خوش ناهي.انڪري هنن پاڙيسري هم آھنگ ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جون بزدلاڻي ڪاروائيون ڪرڻ سندس مشغلو رهيو آهي جنهن جو مقصد بلوچستان جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ آهي، خاص ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندي.اهو چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري طور تي متحرڪ ڪيو ويو،جن دهشتگردن جي خراب سازش کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ فورسز مقامي آباديء جي حفاظت ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو۔توڙي جو سيڪيورٽي فورسز صوبن جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ بهادرن جون اهڙيون قربانيون يقينن ملڪ ۽ قوم لاء پائدار آهن پر آخر اهو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو۔آءِ ايس پي آر موجب قلات ضلعي ۾ ”دهشتگردي جي خوفناڪ ڪارروائي“ جي پسمنظر ۾، سڪيورٽي فورسز پاران سڄي صوبي ۾ آپريشن ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.ان سلسلي ۾ هڪ آپريشن هرنائي ضلعي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ فوجين موثر طريقي سان دهشتگردن کي منهن ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 دهشتگردن کي ماريو ويو، دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ڪيا ويا. اهو حفاظتي آپريشن تيستائين جاري رهندو جيستائين ڏوهن ۽ بزدلاڻي عمل جي جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي ماري مات نه ٿي ڏني وڃي۔ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز، قوم سان گڏ بيهي، بلوچستان سميت پوري پاڪستان مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاء پرعزم آهن ڇو ته دهشتگرد عناصر پوري ملڪ ۾ امن و امان کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا ۽ جڏهن ملڪ جو امن خراب ٿيندو ته هزارين مسئلا کڙا ٿيندا جن کي ڪوبه منهن ڏئي نه سگهندو۔ دهشتگرد ملڪ جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ گهرجي ۽ امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ڇوته فساد پکيڙيندڙ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن.
نام نهاد جاگیرداراڻي سماج میں جمهوری حقن جا خواب
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش