سيڪورٽي فورسز جو آپريشن جاري، 104 يرغمالي آزاد، 13 دهشتگرد مارجي ويا

بولان (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي بولان ۾ دهشتگردن سرنگهه ۾ جعفر ايڪسپريس تي فائرنگ ڪري گاڏي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻايو آهي. ريلوي اختيارين موجب 9 بوگين واري هن ٽرين م 500 جي لڳ ڀڳ مسافر سوار هئا. مسافرن جا مائٽ پريشان آهن. پي ٽي وي سيڪورٽي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته سيڪورٽي فورسز 104 يرغمالين کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، جن ۾ 58 مرد، 31 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن. مقابلي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن، مقابلو جاري آهي ۽ دهشتگرد هاڻي ننڍين ٽولين جي صورت ۾ ورهائجي ويا آهن. مسافر ٽرين جعفر ايڪسپريس ڪوئيٽا کان پشاور وڃي رهي هئي ته هي واقعو پيش آيو. گهرو کاتي جي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته سيڪورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي، ڪافي تعداد ۾ مسافرن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن ۽ جلد ٻين کي به بازياب ڪرايو ويندو. ڪجهه سيڪورٽي فورسز جي اهلڪارن مزاحمت ڪئي ۽ بي ايل اي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. جيو جي پروگرام شاهزيب خانزاد سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه مسافرن کي دهشتگرد اغوا ڪري پهاڙن ۾ کڻي ويا آهن، يرغمال بڻايل عورتن ۽ ٻارن کي دهشتگردن ڍال بڻايو آهي. سيڪورٽي فورسز هر حوالي سان بازيابي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس تي فائرنگ بولان جي ڍاڍر جي مشڪاف واري علائقي ۾ ٿي آهي، جتي ريل گاڏي تي حملو ٿيو آهي، جتي ريسڪيو ۽ سيڪورٽي فورسز کي پهچڻ ۾ مشڪلون آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ ٽرين تي فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، ريسڪيو سروس ايمبولينس ۽ سيڪورٽي جا اضافي دستا به روانا ڪيا آهن. صوبائي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو پنهنجي پرڏيهي هينڊلرز سان فون تي رابطو جاري آهي. سيڪورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ترجمان جيئند بلوچ جو جاري ڪيل بيان سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي مجيد برگيڊ، ٽي او ايس ۽ فتح اسڪواڊ جي گڏيل ڪاروائي آهي. بي ايل اي جي بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 6 فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن ۽ سوين مسافر حملي آورن جي قبضي ۾ آهن جن ۾ فوجي ۽ پوليس اهلڪار به شامل آهن.  ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن خلاف فوجي ڪاروائي ٿي ته حراست ۾ ورتل مسافرن ۽ اهلڪارن کي قتل ڪيو ويندو. مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته عورتن، ٻارن ۽ بلوچ مسافرن کي ڇڏڻ جا اطلاع آهن. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جنهن جاءِ تي ريل کي روڪيو ويو آهي، اهو سبي ضلعي جي حد ۾ آهي ۽ مک روڊ کان 24 ڪلوميٽر پري آهي. ريلوي اختيارين موجب جنهن جاءِ تي ٽرين کي روڪيو ويو آهي اها سرنگه نمبر 8 آهي. جڏهن ته ڪولپور کان سبي تائين ڪل 17 سرنگهون آهن. ان جاءِ تي ريگولر فون يا موبائيل فون ڪم نٿا ڪن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل علائقي مٿان 5 فوجي هيليڪاپٽر اڏامندي ڏٺا ويا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريل گاڏي جي ڪجهه بوگين کي باهه ڏني وئي آهي. هن واقعي بعد بولان ميل جيڪا ڪوئٽا اچي رهي هئي ان کي سبي ريلوي اسٽيشن تي ئي روڪيو ويو آهي. ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن تي ڪجهه مسافرن جا مائٽ معلومات حاصل ڪرڻ پهتا پر کين ٻڌايو ويو ته هنن کي ڪا به تصديق ٿيل معلومات ناهي. هن واقعي جون خبرون ڀارتي ميڊيا وڌائي چڙهائي پيس پئي ڪري، ڀارتي سوشل ميڊيا جي ڪجهه اڪائونٽس تان پراڻيون ايڊٽ ڪيل تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ٿي رهيون آهن، جن کي پرڏيهه ۾ ويٺل پاڪستاني به شيئر ڪري رهيا آهن. حڪومتي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڪوڙي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو