بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ فنڊ خرچ نه ٿي سگهيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي بحالي لاءِ وصول 22 ڪروڙ ڊالرن مان رڳو 2 ڪروڙ 20 لک ڊالر خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب عالمي بئنڪ ٻوڏ بحالي پراجيڪٽ تحت 40 ڪروڙ ڊالر قرض منظور ڪيو هو، جنهن مان 21 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي پهرين قسط استعمال ٿيڻ کانپوءِ ٻي قسط جاري ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ فنڊ موجود آهن پر بلوچستان حڪومت پراجيڪٽ تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. ذريعن موجب چين بلوچستان ۾ گهرن جي تعمير لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر گرانٽ منظور ڪئي، جنهن سان تقريبن 35 هزار گهر ٺاهڻا آهن، چين پائلٽ پراجيڪٽ طور 60 لک ڊالر فراهم ڪيا، جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ گهرن جي تعمير ٿيڻي هئي پر چين جي فراهم گرانٽ جي قسط بلوچستان ۾ پائلٽ پراجيڪٽ لاءِ مڪمل استعمال نه ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي بئنڪ بلوچستان لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر پاڻي بابت پراجيڪٽ لاءِ به منظور ڪيا. ذريعن موجب وفاق بلوچستان حڪومت جي پراجيڪٽن تي تيزي سان عملدرآمد لاءِ بهتر سسٽم ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو