بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار

وندر (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي وندر ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 عورتون فوت ٿي ويون.ريسڪيو ذريعن موجب گذريل ڏينهن بلوچستان جي علائقي مقام وندر وٽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 2 گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.وارثن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙ عورتون ڪوئيٽا جي هزاره ڪالوني جون رهواسي هيون. پنجئي عورتون هو پنهنجي ڀيڻ جي عيادت لاءِ ڪوئيٽا کان ڪراچي اچي رهيون هيون،پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش ڪوئيٽا جي اباڻي علائقي ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو