ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ڪمشنر ڪوئٽا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي اڳواڻن کي سول اسپتال تي حملو ۽ عوام کي تشدد لاءِ اڪسائڻ جي الزام هيٺ ڪييس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. بيان م وڌيڪ چيو ويو آهي ته جمعي تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وارن جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ مارجي ويل بلوچن جي حق ۾ احتجاج ڪيو ۽ جلوس سان گڏ موجود هٿيار بند غنڊن پوليس تي پٿراءُ ڪندي فائرنگ ڪئي. جنهن سبب 3 ماڻهو مئا، جن جا لاش هي اسپتال مان کڻي ويا ۽ ڌرڻو هنيو،جيئن لاشن جو طبي معائنو نه ڪري سگهجي. ڪمشنر موجب مري ويندڙن ۾ هڪ افعان شهري ۽ ٻه مزدور شامل آهن. ٻئي پاسي بي واءِ سي جي سڏ تي بلوچستان جي اڪثر شهرن ۾ ڇنڇر تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪوئٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي سامهون احتجاجي مظاهري دوران پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪندي لٺ بازي ڪئي ۽ واٽر ڪينن سان پاڻي وسايو. پوليس ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي گهلي پوليس وين ۾ وجهي نامعلوم جاءِ تي وٺي وئي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسانجي پرامن جلوس تي پوليس فائرنگ ڪري 3 ساٿي شهيد ۽ 10 زخمي ڪيا آهن، جن مان 7 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مظاهرين جي پٿراءَ سبب هڪ ليڊي پوليس اهلڪار سميت 10 پوليس وارا زخمي آهن.ڪوئٽا شهر ۾ گذريل رات کان ڇاپا جاري هئا ۽ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪوئٽا شهر ۾ گذريل رات کان موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ معطل ڪئي وئي جيڪا ڇنڇر تي شام جو جزوي طور بحال ڪئي وئي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سرياب روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاش به تحويل ۾ ورتا. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ببرگ بلوچ، سندس ڀاءَ حمل بلوچ، سعيده فيصل ۽ لاتعداد ٻين ڪارڪنن جي لاپتا ٿيڻ خلاف اڄ ڇنڇر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو. جنهن جي سردار اختر مينگل جي پارٽي، بي اين پي حمايت ڪئي هئي. بلوچستان بار ڪائونسل، پي ٽي آءِ ۽ جميل اڪبر بگٽي پر امن مطاهرين تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت بدترين تشدد جو مثال قائم ڪيو آهي. عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بنائڻ جي هو مذمت ڪن ٿا.
