بلينڪن ۽ جي بلاول ملاقات سٺي رهي : نيڊ پرائس

واشنگٽن(بيورو)آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ هو ته ”نئين پاڪستاني حڪومت جي نمائندن سان ملاقات جا ڪجهه موقعا مليا“ ۽ گذريل مهيني بلنڪن بلاول ملاقات ۾ پهريون ڀيرو سٺيون ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميڊيا بريفنگ دوران ڀارت ۾ بي جي پي حڪومت طرفان مسلمانن جي گهرن کي ڊاهڻ جي مذمت ڪئي.”اسان بي جي پي جي ٻن آفيسرن جي جارحاڻي تبصرن جي مذمت ڪئي آهي. اسان کي خوشي آهي ته پارٽي عوامي طور تي انهن تبصرن جي مذمت ڪئي آهي. اسان مذهبي يا عقيدي جي آزادي سميت انساني حقن جي مسئلن تي سينئر سطح تي مصروف آهيون نيڊ پرائس چيو ته هر ملڪ جا ماسڪو سان الڳ الڳ لاڳاپا آهن ۽ ٻيا ملڪ ماسڪو سان پنهنجا لاڳاپا نئين سر جوڙي رهيا آهن، اهو هڪ بتدريج عمل آهي، ڀارت جا روس سان لاڳاپا ڏهاڪن کان قائم آهن، روس سان هن وقت تائين ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون آهن.ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي نئين پاڪستاني حڪومت جي نمائندن سان ملاقات جا ڪيئي موقعا مليا آهن، گذريل مهيني پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان ملاقات جو موقعو مليو، پهريون ڀيرو ملاقات تمام سٺي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي.نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسان جو پارٽنر آهي ۽ اسان ان پارٽنرشپ کي اڳتي وڌائڻ جا طريقا ڳولينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو