بلڙي ۾ بااثر جو دماغي بيمار مسافر تي تشدد، وڊيو وائرل

بلڙي شاھ ڪريم:(ن س) بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان ملاڪاتيار ۾ ڪجھ ڏينھن پھرين بااثرن طرفان دماغي بيمار مسافر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو هو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ بااثرن ظلم جون حدون پارڪري ڇڏيون! ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ۾ اقتدار پارٽي سان سلهاڙيل بااثر شخصيتن جو حيدرآباد جي دماغي طور بيمار مسافر تي امام بارگاهه مان نلڪي جي ٽونٽي چوريءَ جي الزام ھيٺ وحشياڻو تشدد ڪري پنھنجي عدالت لڳائي ڇڏي، اهڙِي وحشياڻي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ دل ڏاريندڙ منظرڏسي سگهجن ٿا! بي وس مسافر بااثرن کي ٻانهون ٻڌي، قسم ۽ ڪلما پڙهندي چئي رهيو آهي ته مون چوري نه ڪئي آهي پر ان باوجود بااثر کيس ٻانهون ٻڌي مڪن لتن لٺين سان بي رحماڻو تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، متاثر شخص جي اکين ۾ خوف ۽ وات مان رحم جي جون اپيلون به وڊيو ۾ ٻڌي ۽ ڏسي سگهجن ٿيون. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر شخص حيدرآباد جو رهواسي آهي جيڪو دماغي مريض ٻڌايو پيو وڃي، مذڪوره شخص مسافر طور امام بارگاهه ۾ ترسيل ھو. ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو آهي تہ تشدد بعد رتورت ٿيل شخص کي بااثرن پاران پوليس حوالي ڪيو ويو، جنھن کي وري ھڪ ٻئي بااثر جي سفارش تي آزاد ڪيو ويو. اھڙي درد ناڪ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد انساني حقن جي تنظيمن ايس ايس پي ٽنڊو محمدخان کان مطالبو ڪيو آھي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري متاثر شخص سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو