اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ اسلام آباد ۾ پرامن جلسا جلوس منعقد ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو آهي، هاڻ اسلام آباد جي موضع سنگنجاڻي يا ڪنهن به اهڙي علائقي ۾ جلسو، جلوس ڪري سگهبو جتي حڪومت اجازت ڏيندي، حڪومتي اجازت کان سواءِ جلسا يا جلوس ڪرڻ يا انهي ۾ شامل ٿيندڙن کي 3 سال تائين سزا ملي سگهندي.سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ مخصوص جڳهه تي پرامن جلسا يا جلوس منعقد ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته اسلام آباد ۾ اسان جو هڪ جلسو ٿي رهيو آهي انهي جلسي کي روڪڻ لاءِ اهو قانون بنايو پيو وڃي.سينيٽر عرفان صديقي چيو ته انهي بل جو ڪنهن به جلسي سان ڪوبه تعلق نه آهي، اسان ڪنهن پرامن جلسي کي روڪي نه رهيا آهيون پر اسان ته سهولت ڏئي رهيا آهيون، ايوان ۾ بل تي شق وار راءِ شماري ٿي جنهن کان پوءِ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ جڳهه مقرر ڪئي وڃي. ميڊيا به اتي هوندي، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته جلسن ۽ جلوسن جي لاءِ ڪابه هائيڊ پارڪ جهڙي جڳهه ٺاهي وڃي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو