بنون ۾ پوليس ٿاڻن تي دهشتگردن جا هڪ ئي وقت حملا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ دهشتگردن 2 پوليس اسٽيشنن کي نشانو بنايو جڏهن ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن خوجڙي پوليس چوڪي تي 2 هينڊ گرنيڊ سان حملو ڪيو پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. پوليس موجب حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي، علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، انهي واقعي کان پوءِ ڳوٺ جي ماڻهن به چوڪي جي حفاظت لاءِ پاڻ کي هٿياربند ڪري ورتو ۽ اعلان ڪيو ته خوجڙي پوليس چوڪي جي حفاظت علائقي جا رهواسي ڪندا.پوليس موجب بنون جي بڪاخيل پوليس اسٽيشن ۽ غوري واله پوليس اسٽيشن تي به حملا ڪيا ويا جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پوليس موجب دهشتگردن 3 مختلف هنڌن تي هڪ ئي وقت حملا ڪيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا حملو ڪندڙن جي ڳولا ۾ آهن ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، عوام پوليس سان تعاون جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو