بنگالين جي ديش جي صورت حال 

مجيد نواز مغل 
ٻنگلا ديش جنھن دسمبر 1971ع ۾ آزادي حاصل ڪئي ھئي ـ اتي مختلف وقتن ۾ شيخ مجيب جو خاندان مخالف ڌر جي خالدھ ضياء ۽ فوج پڻ حڪومت ڪندي رھي آھي ـ عالمي اقتصادي ماھرن موجب  تازو ڪجھ عرصو اڳ بنگلا ديش جي اڪانومي جي صورت حال پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کان بھتر ٿي وئي ھئي ـ 
بگلا ديش ۾ سيڪيولر سوچ جي ابتڙ مذھبي انتھا پسندي پڻ موجود رھي آھي ـ خاص ڪري جماعت اسلامي جي شڪل ۾ جنھن 1971 ع جي انقلاب وقت بنگالين جي قتلام عورتن سان جنسي زيادتين ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوھن ۾ حصو ورتو ۽ وقت به وقت جماعت جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ڦاھين جي سزائون ڏنيون ويون ـ جنھن جو بدلو 2024ع جي تبديليء جي صورت ۾ ورتو اٿن ـ
 بنگالي آرمي چيف پنهنجي خطاب ۾ 2024ع ۾ آيل تبديليء بعد چيو ته سڀ ڪجھ فوج جي مرضي سان ٿيندو ۽ عبوري سولين حڪومت جوڙي ويندي جنهنجو مطلب آهي ملٽري جماعت اسلامي کي ٻيهر جيئرو ڪري اقتدار ۾ شامل ڪندي ۽ عوامي ليگ کي ڌوتو ويندو، آمريڪي اثر رسوخ کي کلي ڇوٽ هوندي ۽ آمريڪا بنگلاديش جي معيشت کي آئي ايم ايف جي ڇانو ۾ رکي اتان جي پنهنجي پيرن تي بيٺل معيشت کي پاڪستاني معيشت وانگر گوڏن ڀر جهڪائيندو،چائنا جي وٽ ۾ آمريڪي اڏا به قائم ٿيندا جنهن سان چائنا خلاف ان جي ڀر ۾ محاذ کلندو ۔ جنهن سان چين کي سوڙهو ڪرڻ جي ايجنڊا تي پڻ ڪم شروع ٿي ويندو ـ انهن سڀني ڪمن لاء ملا ملٽري اتحاد ڪارگر ٿيندو. افسوس جو ٽين دنيا جي ٻين ملڪن جيان حسينا واجد به عوام بدران فوج تي ڀاڙيو ۽ فوج اهو ئي ڪيو جيڪو اڳ ۾ ڪندي آئي آهي ـ ھي سڄي شرارت آمريڪا ۽ بنگلا ديش جي ملٽري جي آهي جنهن اهڙا حالات پيدا ڪري جمهوريت جا ٽپڙ گول ڪرايا.
شيخ حسينا واجد فوج تي  ڀاڙڻ بدران ۽ طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران عوام تي ڀاڙي ها يا پاڻ ئي نين چونڊن جو اعلان ڪري اقتدار کان الڳ ٿئي ها ته سندس اهڙي تنزلي نه ٿئي ها جو کيس آرمي چيف جي 45 منٽن جي الٽيميٽم تي ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو ـ ايتري تائين جو کيس آخري خطاب به ڪرڻ نه ڏنو ويو.
سياسي تجزيا نگارن موجب بنگلا ديش ۾ ڊاڪٽر يونس جي حڪومت سنڀالڻ کان پوء اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته  NGOs ڪلچر سياسي  قوتن جي متبادل طور ملڪ ۾ غربت ختم ڪرڻ ۽ عوام ۾ خوش حالي آڻي ملڪ کي ترقيء جي راھ تي لڳائي سگھن ٿيون پر منھنجي خيال ۾ NGOs فقط مرھم پٽيء جو ڪم ڪري سگھن ٿيون ڪو به مستقل سياسي متبادل نه ٿيون ٿي سگھن, بھرحال سرمائيداري نظام  پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي عوام کي NGOs جي سحر انگيزيء ۾ ڦاسائي غير سياسي ڪرڻ ۾ گھڻي قدر ڪامياب وڃي رھيو آھي ۽  NGOs ڪلچر جي معاشي سماجي سھولتين, غير ملڪي دورن,  وڏين ھوٽلن ۾ ڪانفرنسن ۽ ٻين لالچن چڱن ڀلن تجربيڪار سياسي ڪارڪن کي به پنھنجي سحر ۾ ڦاساءي منجمد ڪري ڇڏيو آھي. انڪري چڱن ڀلن سياسي غير سياسي دوستن ڊاڪٽر يونس جي  حڪومت سنڀالڻ کان پوء  NGOs ڪلچر جي تعريف ۾ ضروري غير ضروري قصيدا پڙھڻ شروع ڪيا آھن .
بنگلا ديش اسان جي خطي يعني ننڍي کنڊ جو مک ملڪ آھي ـ ان ڪري ئي عالمي سامراج انھيء مک ملڪ جي لوڪيشن يعني جاگيرفيائي اھميت کي سامھون رکندي پنھنجن مفادن خاطر مختلف قسم جون ڳجھيون چالون ھلندو رھيو آھي ـ 1971 ع کان ھن ملڪ جي آزادي واري وقت کان پنھنجا وحشي چنبا ھت کوڙھڻ لاء سرگرم عمل نظر آيو آھي ـ بنگلا ديش جي تازھ صورتحال ۾ جيئن شيخ مجيب جي پتلن کي ٽوڙي ھٽايو ويو ۽ ان جي فوٽن جي بيحرمتي ڪئي وئي ـ اھو عمل اخلاقي ۽ سياسي طور ٺيڪ نه ھو ـ اقتدار سنڀاليندڙن کي بردباري جو مظاھرو ڪندي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بدران پنھنجي نيئن سرڪار جي جوڙجڪ مٿان ڌيان ڏيڻ کپندو ھو نه ڪي مظاھرا ڪڍي بنگلا ديش جي روڊن تي لڳل مجسمن جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ گھر جي ھا ؟ ـ
بنگلا ديش ھن وقت عالمي سانراج جي جديد بيٺڪيت موجب ھلايو پيو وڃي ـ جتي رجعت پسند ۽ انتھا پسند جماعت اسلامي جي خاص ليڊرن موجودھ سرڪار جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو آھي ۽ اھي شاگرد جن حسينا واجد جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪرڻ لاء تحريڪ ھلائي ـ سڀ جا سڀ شاگرد جماعت اسلامي جي اسٽوڊنٽس ونگ جا ڪارڪن ۽ سرگرم اڳواڻ ھيا ـ 
حسينا واجد جتي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاء مک اپاء ورتا ھيا ۽ ان ۾ ڪجھ ڪاميابي پڻ حاصل ڪئي ھئي اتي اصل ۽ حقيقي جمھوريت کي مٿي اچڻ نه ڏنو ـ بلجي ملڪ جي مخالف ڌر خلاف ڪات ڪھاڙا اڀا ڪيا ھيا ـ جماعت اسلامي وارن خلاف ڪاروائي ته سمجھ ۾ اچي ٿي ته انھن ملڪ ٺھڻ مھل الشمس ۽ البدر ذريعي وڏي خونريزي ڪرائي ۽ عورتن جون عصمتون لٽيون پر ٻين مخالف ڌر وارن کي پڻ گاھ نه وڌو ـ جنھن جي ڪري اتي ايندڙ بغاوت ڀڙڪي 
علمي سياسي تجزئي نگارن موجب نگلاديش جو مستقبل تابناڪ نظر اچڻ بدران آمريڪا ۽ آء ايم ايف جو غلام ٿي ھلڻ نظر اچي پيو ـ ملڪ جي مضبوط اقتصادي صورت حال بھتر ھجڻ بجاء قرضن ۾ ڦاٿل رھندي ـ مختلف بحرانن ذريعي انھيء ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ٻيڙو غرق ڪندي ـ روزگار جو مسئلو ببيادي مسئلو بڻجي بنگالي نوجوانن جي مستقبل کي  تاريڪ بڻائيندو ـ جيئن پاڪستان جي پاڙن ۾ رشوت جھڙو ناسور وڌو ويو ائين ئي بنگلاديش ۾ پڻ بي ايمان ۽ رشوت خوري عروج تي اچي بيھندي ـ 

پهنجو تبصرو موڪليو