ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي هڪ عدالت ڪرڪيٽر شڪيب الحسن جي اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، شڪيب الحسن تي 300,000 ڊالر کان وڌيڪ جي بائونس چيڪ سان لاڳاپيل فراڊ جي الزام ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.ڍاڪا جي ايڊيشنل چيف ميٽروپوليٽن مئجسٽريٽ ضياءُ الدين رحمان ڪالهه چيڪ باؤنس ڪيس ۾ بنگلاديشي رانديگر جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو،عدالتي حڪم اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي عوامي ليگ پارٽي جي هڪ اڳوڻي ميمبر پارليامينٽ جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.بنگلاديشي رانديگر شيخ حسينه سان پنهنجن لاڳاپن جي ڪري عوامي ڪاوڙ جو نشانو بڻيل آهن ۽ احتجاج دوران پوليس جي ڪريڪ ڊائون ۾ مارجي ويل ماڻهن جي موت جي جاچ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
