بنگلاديشي ڪرڪيٽر مشرفي مرتضيٰ ٻئي ڪيس ۾ نامزد

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.مشرفي مرتضيٰ تي غير قانوني طور تي شيئرز وٺڻ ۽ جبري منتقلي جو الزام آهي، ڪيس ۾ اڳوڻي ڪپتان سميت 6 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.بنگلاديشي ميڊيا موجب مشرفي مرتضيٰ تي بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي ٽيم سلهٽ اسٽرائڪرز کان غير قانوني وصولي ۽ سلهٽ اسٽرائڪرز جا شيئرز جبري منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. رپورٽن مطابق سلهٽ اسٽرائڪرز جي اڳوڻي چيئرمين سرور غلام چوڌري پاران مرتضيٰ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي ۽ رڳو جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو