ڍاڪا (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي ته اهي پاڪستان جي دوري دوران ڪو به ون ڊي ميچ نه کيڏندا.بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ عهديدار موجب، فيوچر ٽور پروگرام سيريز ۾ ٽي 20 ميچ شامل هوندا. هن سيريز ۾ ڪو به ون ڊي ميچ نه هوندو، پر سڀئي ٽي 20 ميچ کيڏيا ويندا.چيو ويو آهي ته هي فيصلو ٽي 20 ايشيا ڪپ ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تيارين جي ڪري ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ڀارت ايشيا ڪپ 2025 جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته ڀارت ۽ سريلنڪا ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جا گڏيل ميزبان آهن.
