بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش اي خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 14 رڪني اسڪواڊ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد حارث کي پاڪستان شاهينز جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي.ان کان اڳ محمد حارث پاڪستان شاهينز جي دوري ۾ به ٽيم جي ڪپتاني ڪئي هئي.پي سي بي طرفان اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ ڪپتان محمد حارث، عبدالفتاح، عرفات منہاس، فيصل اڪرم، حسيب الله، جهانداد خان، محمد عباس آفريدي، محمد عرفان خان، محمد عمران جونيئر، مبشر خان، عمير بن يوسف ۽ عثمان خان شامل آهن ان کان علاوه اسڪواڊ ۾ شامل ٻين ٻن رانديگرن ۾ کاٻي هٿ جي اسپنر مهران ممتاز ۽ کاٻي هٿ جي بيٽسمين اذان اويس شامل آهن.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ 26 آگسٽ سومر تي کيڏي ويندي، جڏهن ته باقي ٻه ميچون 28 ۽ 30 آگسٽ تي کيڏيون وينديون، جيڪي اسلام آباد ڪلب ۾ کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو