بهاولپور (ويب ڊيسڪ)بهاولپور ۾ ٽئين درجي جي شاگردياڻي سان اجتماعي زيادتي ۽ قتل جي الزام ۾ پوليس چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب، گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن مان ٻه ڇوڪري جا ماما آهن ۽ ٻه ويجها مائٽ آهن. ڇهه ڏينهن اڳ، باقرپور ۾ هڪ ڇوڪري ٻنين ۾ زخمي حالت ۾ ملي هئي ۽ اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي وئي.پوليس ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
