بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي آمريڪي پابنديون جانبدار قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان آمريڪا طرفان بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت ڪرڻ جي الزام هيٺ چئن تنظيمن تي پابندي لڳائڻ واري قدم کي تعصب قرار ڏنو آهي.آمريڪا طرفان پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۾ سهڪار جي الزام ۾ چئن ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته تنظيمن تي پابنديون لڳائڻ جو آمريڪي فيصلو جانبداراڻو آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ آهي.پنهنجي رد عمل ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ادارن تي پابنديون لڳائڻ جو آمريڪي فيصلو تعصبي عمل آهي، علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرو آهي.هن چيو ته آمريڪي پابندين جو تازو قدم امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف آهي، پابندين جو مقصد فوجي عدم توازن کي وڌائڻ آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهڙين پاليسين جا خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ خطرناڪ اثر آهن. پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام 24 ڪروڙ عوام سندس قيادت کي ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو