بينڪن مان اوڌر کڻڻ واري حڪومتي حڪمت عملي تي اعتراض

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) حڪومت جي 1250 ارب روپين جي رقم بينڪن مان اوڌر تي کڻڻ واري حڪمت عملي تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جي اعتراض جو مقصد بجلي جي شعبي ۾ سرڪلر ڊيٽ جي وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. آءِ ايم ايف پڇاڻو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي واقع ٿئي ٿي ته سي پي پي اي وياج ۽ اصل رقم جي ادائيگي ڪيئن ڪندو؟ٻئي طرف آءِ ايم ايف بجلي ڊويزن طرفان جنرل سيلز ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ پهرين مرحلي جون ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو