ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ناديا حسين کي فراڊ ڪيس ۾ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ مشهور اداڪارا ۽ ماڊل ناديه حسين جي مڙس عاطف خان پاران داخل ڪرايل فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي 55 صفحن تي ٻڌل ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪيو. ڪيس ۾ هڪ جوابدار عاطف خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار فيصل محمود شيخ ضمانت تي آهي.عدالت ۾ جمع ڪرايل عبوري چالان مان ظاهر ٿيو ته سندس زال ۽ اداڪاره ناديا حسين جي سيلون جو اڪائونٽ پڻ انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جن ملزم جي بينڪ اڪائونٽس مان فائدو حاصل ڪيو.ايف آءِ اي موجب ناديا حسين تي الزام آهي ته هن پنهنجي ٻن سيلونن لاءِ بينڪ فراڊ جي فنڊ استعمال ڪيا.جاچ دوران، اهو معلوم ٿيو ته عاطف خان جي ٻن الڳ الڳ اڪائونٽن ذريعي سيلون جي اڪائونٽن ۾ 26.4 ملين رپيا منتقل ڪيا ويا.چالان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار عاطف خان جي بينڪ اڪائونٽس جي منتقلي مان فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويندو.
