بيٽري چارجنگ تڪڙي ختم ٿيڻ کان ڪيئن روڪجي؟

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ڇا اوهان پنهنجي اسمارٽ فون جي بيٽري جلد ختم ٿيڻ تي پريشان آهيو؟ گهڻا صارف هن مسئلي کي منهن ڏين ٿا، ۽ ان جو اهم ڪارڻ ڪجهه مشهور ايپس ٿي سگهن ٿيون.اينڊرائيڊ فونز ۾ موجود گوگل سروسز، جهڙوڪ گوگل ميپس، يوٽيوب، ۽ ڪروم، بيٽري تي تمام گهڻو اثر وجهنديون آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ اهي گهڻو ڊيٽا ۽ لوڪيشن سروسز استعمال ڪن ٿيون. فهرست ۾ فيس بڪ ٻئي نمبر تي آهي، جنهن جا ڪيترائي فيچرز، جيئن اسٽوريز ۽ مارڪيٽ پليسم، بئڪ گرائونڊ ۾ هلڻ سبب بيٽري تي دٻاءُ وجهندا آهن. انسٽاگرام ۽ يوٽيوب جهڙيون ايپس به تصويرون ۽ وڊيوز جي سبب بيٽري تي اثر انداز ٿين ٿيون، خاص طور تي جيڪڏهن ايڇ⁠ڊي وڊيو اسٽريم ڪئي وڃي. ايپس کان بيٽري بچائڻ لاءِ لوڪيشن سروسز ۽ غير ضروري پرمشنز کي بند ڪرڻ، ۽ نوٽيفڪيشن ٽرن آف ڪرڻ جا قدم کڻي سگهجن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ايپ جا مسئلا جاري رهن، ته ان کي ڊيليٽ ڪرڻ بهتر آهي. فون ۾ موجود بيٽري سيونگ موڊز ۽ بئڪ گرائونڊ ڊيٽا بند ڪرڻ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو