بيگوديرو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سارين جي نقلي ٻج خلاف احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر)عوامي تحريڪ ۽ بيگوديرو شاخ جي آبادگارن پڇڙي تائين پاڻي نه ملڻ تي چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. با۽ پاس ڪي اين شاھ کان مير کوسو ايڊوڪيٽ. ڪامريڊ سومر چانڊيو، مظھر چانڊيو، اسماعيل ٻرڙو ۽ غلام مصطفي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري جلوس ڪڍيو. هنن ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي آفيسرن خلاف سخت نعري بازي ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بيگوديرو شاخ کي چونڊيل نمائندن پنهنجي من پسند آفيسرن هٿان پاڻي وڪرو ڪرائي هٿ سان سڪائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن. آبادگار چيٽ جي فصل پوکڻ لا۽ به پريشان ٿي ويا آھن ۽ چوپايو مال به اڃ وگهي مري رهيو آھي.آبادگار اڳواڻن وڌيڪ چيو ته بيگوديرو شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو چيف جسٽس آف سنڌ ھا۽ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي آبادگارن کي معاشي قتل عام کان بچايو وڃي.۽ ڪرپٽ آفيسرن کي فورن هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.آبادگارن وڌيڪ چيو ته سموري سنڌ ۾ پوکيل ها۽ برڊ ٻج نقلي ملڻ ڪري سمورو فصل پاپڙ ٿي ويو آھي. ۽ لکين ايڪڙ زمين پاپڙ ٿيڻ ڪري آبادگارن ۽ هارين ۾ بيچيني ڦهلجي وئي آھي. آبادگارن مطالبو ڪيو ته نقلي ٻج وڪرو ڪندڙ ڪمپنين کي آبادگارن ۽ هارين کي زمين ۾ موجود فصل جي پيداوار جي رقم ڀري ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو