بي ايل اي جو بنياد پرست شاگرد تنظيم کان عسڪري قوت بڻجڻ جو سفر

نديم ايف پراچا
آگسٽ 1974ع ۾ عبدالمجيد بلوچ نالي هڪ شخص هٿ ۾ بم کڻي وڻ جي اوٽ ۾ لڪي ويٺو هو. هي وڻ ڪوئيٽا ۾ ان هنڌ جي سامهون موجود هو جتي ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عوامي جلسي ۾ شريڪ هو. هي اهو دور هو جڏهن بلوچستان بغاوت جي لهر جي وڪڙ ۾ هو. عبدالمجيد هڪ نوجوان باغي هو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪرڻ چاهيندو هو، پر هو ناڪام رهيو. جڏهن سيڪيورٽي فورسز کيس پڪڙيو ته سندس هٿ ۾ موجود بم غلطي سان ڦاٽي پيو ۽ عبدالمجيد موقعي تي مارجي ويو.
36 سال بعد، بلوچستان ۾ ٻيهر بغاوت جي لهر اٿي ۽ بلوچستان لبرريشن آرمي (بي ايل اي) خودڪش بمبارن جو هڪ يونٽ جوڙيو، جنهن جو نالو عبدالمجيد جي نالي پٺيان “مجيد بريگيڊ” رکيو ويو. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته بي ايل اي جو قيام سال 2000ع ۾ ٿيو (جيڪو سراسر غلط آهي). البت، 2006ع ۾ هيءَ تنظيم وڌيڪ عسڪري ٿي وئي جڏهن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف بلوچ قبائلي اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي خلاف آپريشن جو حڪم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ اڪبر بگٽي مارجي ويو.
پرويز مشرف بلوچ قبائلي اڳواڻن تي “بلوچستان جي ترقي کي نقصان رسائڻ” ۽ “صوبائي فنڊن جو غلط استعمال ڪرڻ” جا الزام لڳايا. حيرت جي ڳالهه آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي جي بغاوت دوران اڪبر بگٽي رياست پاڪستان سان گڏ بيٺو هو. 1948ع کان وٺي بلوچ قومپرستن طرفان گهٽ ۾ گهٽ پنج هٿياربند بغاوتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته هڪ بغاوت هن وقت به جاري آهي.
2011ع کان پوءِ بي ايل اي علائقائي سطح تي پنهنجو اثر وڌايو ۽ تنظيم صوبن کان ٻاهر ميڊيا جي نظرن ۾ به اچي وئي، خاص ڪري جڏهن هن خودڪش بمباري جي شروعات ڪئي، جيڪو اڳي رڳو اسلامي عسڪريت پسند تنظيمون ڪنديون هيون. بي ايل اي مڪمل طور تي سيڪيولر تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي اڳواڻن جي کاٻي ڌر واري روايت کي ڪنهن حد تائين برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. جيتوڻيڪ وقت سان گڏ ان جي لٽريچر مان مارڪس ۽ مائو زيتنگ جو ذڪر گهٽ ٿيندو ويو، پر بلوچ قومپرستن جو کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو نمايان رهيو.
گهڻا غير بلوچ ترقي پسند بي ايل اي کي اسلامي انتهاپسند تنظيمن کان مختلف ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر بي ايل اي جي نسل پرستي ۽ خودڪش بم حملن جي وڌندڙ استعمال جي ڪري انهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. بي ايل اي کي اڪثر بلوچ لبرريشن فرنٽ (بي ايل ايف) سان جوڙيو ويندو آهي، جنهن 1970ع واري ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڏي بلوچ بغاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بي ايل ايف “آزاد بلوچستان” ۽ “قومي ڪميونزم” لاءِ بيٺل هئي. قومي ڪميونزم جو اصطلاح يوگوسلاوي مارڪسسٽ ميلووان ڊجيلاس طرفان استعمال ڪيو ويو، جيڪو ڪميونزم ۽ نسل پرستيءَ جي ميلاپ کي بيان ڪندو هو.
بي ايل اي جون سڌيءَ طرح پاڙون 1988ع جي اليڪشن جي تجربي سان ڳنڍيل آهن. انهيءَ وقت، گهڻا بلوچ سياسي گروهه قبائلي اڳواڻن جي هٿ هيٺ هئا، جڏهن ته وچولي طبقي جا بلوچ پنهنجي سڃاڻپ ڳولڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. بلوچ شاگرد تنظيمن قبائلي اڳواڻن کان مايوس ٿي انهن تي بلوچ ڪاز کي نقصان پهچائڻ جا الزام لڳايا. اليڪشن کان ڪجهه مهينا اڳ وچولي طبقي جي بلوچ ڪارڪنن بلوچستان نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) قائم ڪئي. بي اين ايم ڪجهه اهم سيٽون کٽي حيران ڪندڙ نموني پارليامينٽ ۾ داخل ٿي. جيئن 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ۾ بي اين ايم ٽٽي وئي، تيئن بلوچ قبائلي سردارن ۽ وچولي طبقي جي نوجوان بلوچ قومپرستن وچ ۾ ورهاست واضع ٿيندي وئي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بي اين ايم ۽ بي ايل اي جو بنياد انهن ئي بنياد پرست بلوچ شاگردن رکيو.
2011ع ۾، آمريڪي، پاڪستاني ۽ ڀارتي رپورٽرن ماسڪو ۾ ٻن اڳوڻن سوويت ايجنٽن جو انٽرويو ڪيو، جن چيو ته بي ايل اي اصل ۾ سوويت انٽيليجنس ايجنسيز جو پروجيڪٽ هو، جيڪو بلوچستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو. تنهنڪري، بي ايل اي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ئي موجود هئي، پر سوويت يونين جي خاتمي بعد منتشر ٿي وئي. 2000ع ۾ اها ٻيهر زندہ ٿي، ان جو قيام نه ٿيو، بلڪه اها اڳ ۾ ئي موجود هئي. اڄ، بي ايل اي سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ بلوچ عسڪري تنظيم آهي، جيڪا وڏي تعداد ۾ وسيلن سان ليس آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بي ايل ايف کي عراق ۽ افغانستان مان ڪجهه فنڊ ۽ هٿيار مليا، پر بي ايل اي کي وڌندڙ مدد ملي رهي آهي.
ماهر سياستدان سيما خان موجب، ڀارت بي ايل اي جو وڏو مالي مددگار آهي. 2024ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب “بلوچستان اينڊ دي ميلانج آف وائلينس” ۾ هوءَ لکي ٿي ته “ڀارت بلوچ عليحدگي پسندن کي هٿيار، فنڊ، ٽريننگ ۽ پناهه ڏئي ٿو”. بي ايل اي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تڪرار مان فائدو ورتو، ۽ ڀارت، ايران ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ مان به مستفيد ٿي. پر جيڪڏهن افغانستان ۾ خانه جنگي شروع ٿي ته بي ايل اي جو مستقبل وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿو.
سياسي تجزيي نگار نجم سيٺي موجب، افغانستان ۾ امڪاني خانه جنگي ڀارت نواز طالبان، ايران سان لاڳاپيل عسڪريتن، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جي اتحاد جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪو حقاني گروپ ۽ پاڪستان جي حمايت يافته ڌرين خلاف جنگ وڙهندو. جيڪڏهن اها صورتحال پيدا ٿئي ٿي، ته بي ايل اي انتشار جو شڪار ٿي سگهي ٿي ۽ سڀ کان وڏو نقصان پاڻ کي ئي پهچائي سگهي ٿي. (نوٽ هي مضمون ڊان ۾ شايع ٿيو جتان سندن ٿورن سان ترجمو ڪري سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو