ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان نيشنل پارٽي گرفتارين خلاف احتجاجي تحريڪ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.اڄ سڄي بلوچستان ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 26 مارچ (سڀاڻي) تي پريس ڪلبن جي سامهون احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا،بي اين پي جي احتجاجي شيڊول موجب، 28 مارچ تي اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ واڍ کان ڪوئيٽا تائين هڪ لانگ مارچ ڪيو ويندو.
