بي گهر ورلڊ فٽبال ڪپ ۾ اسرائيل کي سنڌ واسين جي شڪست

ٽنڊوباگو(فرحت خواجا) انگلينڊ ۾ بي گهر فٽ بال ورلڊ ڪپ 2019 ۾ بدين ضلع جي شهر ٽنڊو باگو جي ٻن رانديگرن ڌوم مچائي ڇڏي. انگلينڊ جي شهر ڪارڊف جي مشهور بيوٽ پارڪ ۾ مچايل ميلي ۾ افتتاحي ڏينهن تي ٿيل ميچ ۾ ميرغلام محمد خان ٽالپر فٽ بال ڪلب جي ٻن رانديگرن احسان بلوچ ۽ مير عمار ٽالپرپنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي سبب ميڊيا توڙي ميدان ۾ موجود تماشائين جي توجه جو مرڪز بڻيل رهيا. پاڪستان ۽ اسرائيل جي ميچ ۾ پاڪستان 4 گولن تان اسرائيل کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان 9 گول ڪيا جن مان 7 گول ٽنڊو باگو جي ٻن رانديگرن ڪيا. جن مان احسان بلوچ 4 ۽ مير عمار ٽالپر 3 گول ڪيا. پاڪستان فزيڪل ڊولپمينٽ پروگرام يعني پي ڊي پي پاران موڪليل ٽيم پنهنجو پهريون ميچ اسرائيل کي بدترين شڪست ڏئي کٽي ورتو.  وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان ميچ جي ويڊيو توڙي ٻئي فارميٽ ۾ ڪوريج ميزبانن سميت دنيا جي ڪنهن ويب سائيٽ تي دستياب ناهي. جڏهن ته آسٽريليا سميت مختلف ملڪن پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي همت افزائي لاءِ بهترين ميڊيا ڪوريج جو انتظام ڪيو آهي. ٽنڊو باگو جي رانديگرن پاران انٽرنيشنل ليول تي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي  شھرين ۾ سرھائي آهي. ٽنڊو باگوفٽ بال ڪلب جي صدر شفيع محمد شيدي چيو ته اسان لاءِ اھو وڏو فخر آهي ته اسان جا رانديگر پرڏيهه ۾ کيڏي رھيا آھن ۽ پنهنجي شاندار پرفارمنس سبب نه صرف علائقي پر سنڌ ۽ پاڪستان جو به نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ راندين جي همت افزائي ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي پر قدرت جي مهرباني اها آهي ته سنڌ ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. ياد رهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ دنيا جي 50 کان وڌيڪ ملڪن جا 500 کام مٿي رانديگر حصو وٺي رهيا آهن ۽ هي ٽورنامينٽ هڪ هفتو جاري رهندو. 2001 کان وٺي هر سال هي ٽورنامينٽ منعقد ٿيندو آهي ۽ هي سترهون ٽورنامينٽ آهي. هن جي افتتاحي تقريب ۾ هالي ووڊ ايڪٽر مائيڪل شين پنهنجي ڳورهاري گهرواري سان گڏ شريڪ ٿيو. هن ٽورنامينٽ جو مقصد بي پهچ ۽ بي گهر ماڻهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ عالمي پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو