واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٻئي صدارتي مدي جو قسم کڻي ورتو آهي، ان موقعي تي ڪرپٽو ڪرنسي بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته پنهنجي صدارتي مهم دوران ڊونلڊ ٽرمپ ڪرپٽو ڪرنسي کي ضابطن کان آزاد ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. بٽ ڪوائن جي قيمت ٽرمپ جي حلف برداري کان اڳ 109241 ڊالر تائين پهچي وئي، پر گرين وچ مين ٽائيم (جي ايم ٽي) موجب، ست لڳي 40 منٽ تي اها رقم گهٽجي 107765 ڊالر تي اچي وئي. دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن جي قيمت ٽرمپ جي نومبر ۾ صدارتي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ تيزي سان وڌي ۽ ڊسمبر جي شروعات ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک ڊالر جو حد پار ڪري وئي. تجزئي نگارن موجب، ان جو اهم ڪارڻ ٽرمپ طرفان آمريڪي سڪيورٽيز ريگوليٽر جي سربراهي لاءِ ڪرپٽو ڪرنسي جي حامي پال ايٽڪنز کي نامزد ڪرڻ هو، جنهن سان اهو اميد پيدا ٿي ته نئون صدر ان شعبي کي پابندين کان آجو ڪندو. واضح رهي ته ٽرمپ شروع ڪرپٽو ڪرنسيز کي ” دوکو “قرار ڏنو هو، پر هاڻي سندس موقف ۾ تبديلي آئي آهي ۽ چونڊ مهم دوران هو ڪرپٽو ڪرنسيز جو سڀ کان وڏو حامي بڻجي ويو آهي.
سنڌ ۾ امن و امان جي بدتر صورتحال جو زميوار ڪير؟
سنڌ اسيمبلي ۾ شاگرد يونين جي چونڊن بابت ٺهراءُ رد
ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس ڊي لسٽ
ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري
حڪومت ملڪ رياض جي حوالگي لاءِ گڏيل عرب امارتن سان رابطي ۾ آهي: نيب
بِٽ ڪوائن جو مُلهه هڪ لک نَو هزار کان وڌيڪ رڪارڊ
ايف بي آر آفيسرن کي روڪ رقم ڏيڻ واري اسڪيم جي منظوري
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو
اتحادي آمهون سامهون،پنجاب پنهنجي حصي مان ڪينال پيو ٺاهي ته اعتراض ڇا جو
وزيراعظم جي اسيمبلي ۾ آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
برطانيا پاڪستاني انب جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو
عدليه کان درخواست آهي ته اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 11 فيبروري تائين مهلت ڏئي ڇڏي
بينچ کان ڪيس واپس وٺڻ سان عدليه جي آزادي ختم ٿي ويندي
3 ججن جو چيف جسٽس ۽ آئيني بينچ جي سربراهه کي خط
شاهه ۽ لنجار طرفان ڪراچي جي رسالا پوليس اسٽيشن جو دورو
القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصل خلاف اڄ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان
ڪنڀر ڪيس ۾ 18 جوابدارا 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي
ڪچي ۾ آپريشن، ڊومڪلي حملي ۾ ملوث ٽي ڏوهاري گرفتار
پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، گهر گهر جهڙتي