بٽگرام ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بٽگرام ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ئي خاندان جي 3 ڄڻن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب بٽگرام جي ڏوراهين علائقي چهم سيدان نگري ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب 4 ڄڻا مارجي ويا جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا شامل آهن جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بٽگرام آندو ويو جتي سخت زخمين کي ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد منتقل ڪيو ويو. جهيڙي دوران هڪ ئي خاندان جا شهزاد باجي، ان جو پٽ ضياءُالله شاهه ۽ ڀاءُ مضرب شاهه جڏهن ته مخالف ڌر مان انور علي شاهه مارجي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ماڻهن جو وڏو هجوم ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال پهچي ويو، هينئر تائين واقعي جي ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جاچ ۾ مصروف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو