بگ بيش ليگ، افغان فاسٽ بالر فضل حق فاروقي جو معاهدو ختم

سڊني(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا ۾ بگ بيش ليگ کيڏندڙ افغانستان جي فاسٽ بالر فضل حق فاروقي جو معاهدو ختم ڪيو ويو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا سڊني ٿنڊرز طرفان کيڏندڙ فاسٽ بالر فضل حق فاروقي جو معاهدو ختم ڪرڻ جو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سڊني ٿنڊرز ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سهڪار سبب فضل حق فاروقي جو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب سڊني ٿنڊر واقعي جي رپورٽ گذريل خميس تي ڪئي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ انٽيگرٽي يونٽ حوالي ڪيو ويو.ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر جو معاهدو ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ڪنڊڪٽ ڪمشنر جي جاچ ۽ ٻڌڻي کانپوءِ سڊني ٿنڊر طرفان ختم ڪيو ويو.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب معاملي جا تفصيل ڳجها آهن ۽ وڌيڪ تبصرو نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو