تاريخ معاف ناهي ڪندي، جسٽس منصور جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي هڪ ڀيرو ٻيهر خصوصي بينچ تي ويهڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي.جسٽس منصور علي شاهه 23 آڪٽوبر تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي نئون خط لکيو هو، خط چيف جسٽس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي سربراهه طور لکيو ويو هو.خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه اسپيشل بينچ تي ويهڻ کان معذرت ڪندي چيو آهي ته اڳي به لکي چڪو آهيان ته جيستائين فل ڪورٽ ترميمي آرڊيننس تي نه ويهندي تيستائين اسپيشل بينچ جو حصو نه بڻجندس.جسٽس منصور علي شاهه جي خط ۾ سر ٿامس مور جو به حوالو ڏنو ويو آهي، سر ٿامس مور جو چوڻ آهي ته، ”جڏهن سياستدان پنهنجن عوامي فرضن جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي ذاتي ضمير کي ڇڏي ڏين ٿا ته هو پنهنجي ملڪ کي تباهي جي مختصر رستي تي وٺي وڃن ٿا.هن لکيو ته اسان اقتدار ۾ رهڻ دوران اڪثر وساري ويٺا آهيون ته هن ملڪ جي عوام اسان جا عمل ڏسي رهي آهي، تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو