’تازين برساتن سبب هارين کي 87 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي‘

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي زراعت کاتي صوبي ۾ تازين برساتن سبب فصلن کي ٿيل نقصان جا ابتدائي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آھن. زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر جو چوڻ ھو ته تازين برساتن سبب سنڌ جي هارين کي 86.86 بلين روپين جو نقصان ٿيو آهي, برساتن سبب 5 لک 41 هزار 351 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي, جڏھن ته 2 لک 93 هزار 580 ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو آهي. محمد بخش مھر مطابق 35 هزار 271 ايڪڙ زمين تي بيٺل چانورن جي فصل کي مڪمل ۽ 269016 کي جزوي نقصان پهتو آهي, 53 هزار 195 ايڪڙن تي بيٺل کھجور کي مڪمل ۽ 32 هزار 849 کي جزوي نقصان پهتو آهي, سنڌ ۾ 26 هزار 382 ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪمند جو فصل مڪمل تباھ ۽ 69 هزار 689 ايڪڙ فصل کي جزوي نقصان پهتو آهي. زراعت واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو ته صوبي ۾ غيرمعمولي برساتن سبب ڪپهه جو 21 سيڪڙو ۽کجور جو 41 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويو, سنڌ ۾ برساتن سبب 3.4 فيصد ٽماٽي جي نرسري، ترن کي 22 فيصد, بصرن 58 ڪپهه، 21, مرچن جو فصل 12سيڪڙو ۽ ڀاڄين کي 18 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي. محمد بخش مھر چيو ته جن ضلعن ۾ برساتن سبب فصلن کي نقصان پهتو آهي انهن ۾ بدين، دادو، گهوٽڪي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول, ميرپورخاص شامل آهن, خيرپور، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، شڪارپور، شهيد بينظير آباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر ۾ فصلن کي نقصان پهتو آهي. محمد بخش مھر زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آھي ته جزوي طور تباهه ٿيل فصلن کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو