ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري شاعر عبدالغفار تبسم پنهنجو سمورو ادبي رڪارڊ سنڌ پبلڪ لائبريري کي عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ قائم سنڌ پبلڪ لائبريري طرفان لائبريري جي سالگرهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مڃتا ايوارڊ ۽ ڪتابن جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ هن اهڙو اعلان ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي عبدالغفار تبسم چيو ته هو سمجهي ٿو ته ڪنهن به سرڪاري يا ٻئي اداري جي ڀيٽ ۾ سندس ادبي پورهيو سنڌ پبلڪ لائبريري ۾ وڌيڪ محفوظ رهندو، ان ڪري هو ڪجهه ڏينهن بعد آمريڪا اسهڻ ۽ اتان واپسي تي پنهنجون لکڻيون آڊيو، وڊيو رڪارڊنگز ۽ ٻيون شيون سنڌ پبلڪ لائبريري جي باني جاويد مهر حوالي ڪندو. هن چيو ته سنڌ دنيا ۾ علم ۽ ادب جو اهم مرڪز رهي آھي، دنيا ۾ جتي به علم ۽ ادب جي ڳالھ ٿيندي اتي سنڌ جو ذڪر ضرور ايندو. هن چيو ته سنڌي ٻولي جي بقا لاء ضروري آھي ته اسان پنهنجي نسل کي سنڌي ٻولي جي اهميت کان آگاهه ڪيون، جيڪڏھن ٻولي نه رهندي ته قوم جو وجود به قائم رهڻ ڏکيو ٿي پوندو.

اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي ڊپٽي گورنر علي اڪبر ڍڪڻ چيو ته شهرن ۾ سنڌين جو اولاد سنڌي ٻولي کان پري ٿيندو پيو وڃي. تقريب کي محقق گل حسن ڪلمتي، شاعر زاهد شيخ، ڪراچي پريسب ڪلب جي صدر امتياز خان فاران، ماهين هيسباڻي، غلام مصطفي سولنگي، سنڌ پبلڪ لائبريري جي باني جاويد مهر، الطاف ميمڻ، سگا ڀٽائي آباد شاخ جي صدر انور مهراڻوي، نصرالله جمالي، امتياز دانش، طارق مشتاق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي شيخ عزيز، ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، آغا نور محمد پٺاڻ، گل حسن ڪلمتي، زاهد شيخ، امتياز خان فاران، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ماهين هيسباڻي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مسرور پيزادي، غلام مصطفي سولنگي، اسماعيل پنهور، علي رضا منگي، قمر نواب ۽ نياز حسين ٻرڙي کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، جڏھن ته لائبريري جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.