اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم رضوي جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي سميت 86 ڪارڪنن مان هر هڪ کي 55 سال قيد ۽ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 29 لک 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. هنن تي پوليس اهلڪارن کي مارڪٽ ڪرڻ، کين يرغمال بنائڻ ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام هو. خادم رضوي جي ڀاءُ امير حسين رضوي ۽ ڀائٽي محمد علي سميت 86 ڪارڪنن کي سزائون خميس تي دير سان ٻڌايون ويون جنهن بعد اليٽ فورس جي دستن جي نگراني ۾ کين اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. پنڊي گهيپ ٿاڻي تي 2018 ۾ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ کين سزا ملي آهي. 2018 ۾ جڏهن خادم رضوي کي پوليس گرفتار ڪيو هو ته پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله پارٽي جي ڪارڪنن لاهور ۾ ايس پي پوليس سيد علي کي پوليس گارڊز سان گڏ يرغمال بڻايو هو، هٿيار کسيا هئا، ملتان روڊ تي هڪ سپاهي کي ڪٽڪو ڏئي سخت زخمي ڪيو ويو هو. مختلف جاين تي پوليس اهلڪارن سان ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن جون چڪريون به ٿيون هيون. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پاران توهين رسالت جي الزام ۾ گرفتار آسيه بي بي کي آزاد ڪرڻ بعد راولپنڊي جي فيض آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو. جنهن جي ڪجهه عرصي بعد خادم رضوي کي گرفتار ڪيو ويو هو.
لائين مرمتي ڪم تيزي سان جاري، اربع مڪمل ٿيندو،ڪارپوريشن
فيسبڪ يا انسٽاگرام اڪائونٽ لاڪ آهي؟ اِن لاڪ جو طريقو ڄاڻيو
لاڙڪاڻو ۾ سڱاوتي تڪرار ، فائرنگ، پيرسن عورت قتل،ڏوهٽي زخمي
سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا
چيف جسٽس جي مقرري: ڪميٽي اجلاس ملتوي، ساڍا 8 وڳي ٿيندو
سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر
اڪثريتي فيصلي تي عملدرآمد ضروري ناهي، چيف جسٽس جو نوٽ
ڪورم پورو نه هجڻ سبب سينيٽ جو اجلاس بنا ڪارروائي جي ملتوي
آئيني ترميم جي سمورن معاملن کي غيرقانوني سمجهون ٿا: بيرسٽر گوهر
26هين آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم
هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين: علي امين
چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 نالا ڪميٽي حوالي
منحرف سينيٽر قاسم پاران سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ
آمريڪي صدارتي ۽ ٻين چونڊن لاءِ 9 رياستن ۾ پولنگ شروع
سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو اعلان
شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق
نواز شريف ۽ مريم نواز جو برطانيا جو دورو شيڊيول ٿي ويو
سرويچ سجاول هڪ سوچ، فڪر، ۽ آزاد اظهار جو ڪردار هو
پاڪستاني وفد جي مالياتي اڳواڻن سان ملاقات، ڪارڪردگي تي روشني وڌي
لبنان ۽ غزه لاءِ امدادي سامان هوائي ۽ زميني رستي موڪلڻ جي هدايت