اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) معمول کان گهٽ برساتن جي ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري موسميات کاتي سوڪهڙي جو الرٽ جاري ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب، تازين برساتن ملڪ جي مرڪزي ۽ مٿاهين حصن ۾ خشڪي جي صورتحال کي بهتر بڻايو آهي.سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻين حصن ۽ پنجاب جي هيٺين اوڀر ميداني علائقن ۾ خشڪ سالي جون حالتون برقرار آهن.مجموعي طور تي، پاڪستان ۾ پهرين سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين برسات معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ هئي. برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي سنڌ ۾ 62 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 52 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 38 سيڪڙو ڏٺي وئي.خيبر پختونخواهه ۾ معمول کان 35 سيڪڙو گهٽ برسات پئي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 29 سيڪڙو گهٽ ۽ گلگت بلتستان ۾ معمول کان 2 سيڪڙو گهٽ برسات پئي.تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته ملڪ جي مختلف دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي گهٽ سطح تي آهي.ملڪ جي ڏاکڻي علائقن جا ڪجهه حصا 200 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ به مينهن کان سواءِ آهن، ۽ متاثر علائقن ۾ خشڪي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.ايندڙ مهيني ملڪ ۾ برسات معمول کان گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري خشڪ سالي جو خطرو هوندو.
