ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آئيني ترميم تي ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر کان روانا ٿي ويا.جي يو آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي اڳواڻن وچ ۾ آئيني ترميم تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي.ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي آيا هئا،ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون وارو وڏو وزير نذير تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هئا.ذريعن موجب سياسي اڳواڻن ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي ڳالهيون ٿيون پر ان تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي.ٻئي طرف جي يو آءِ اندر فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جون به خبرون آهن، جنهن جي جي يو آءِ ترجمان ترديد ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو