اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا.پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان اعليٰ سطحي ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته خوشي آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا بهتري طرف وڌي رهيا آهن، ملاقات ۾ اسان ٻه طرفي ايجنڊا سان گڏ علاقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿي.اسحاق ڊار چيو ته توانائي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي غور ڪيو ويندو. ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ گربان گلي بردي محمدئوف جي پاڪستان جي دوري جي اوسيئڙي ۾ آهيون، گربان گلي بردي محمدئوف جو امڪاني دورو دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.نائب وزيراعظم چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي سرمائيڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته واپار، سرمائيڪاري، توانائي، آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي غور ڪيو ويو، اسان سياست، معيشت، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اسان ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، ترڪمانستان جون ڪمپنيپن گوادر ۽ ڪراچي جي بندر گاهن مان فائدو کڻنديون، پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاورباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعو فراهم ڪن ٿيون.ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير خطاب ڪندي چيو ته مهمان نوازي تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. اسان جي اڄوڪي ملاقات ۾ توانائي، سرمائيڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اسان جو دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ويو.ٻئي پاسي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير وودو پرڏيهي آفيس پهچي ويو تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خارجي دهشتگرد سرحد پار کان اچن پيا، گنڊاپور
صائم ايوب لنڊن ۾ اڪيلو رهندو،اظهر محمود واپس
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون ڪهڙا نتيجا ڏينديون؟
جيڪب آباد مان پوليو جو نئون ڪيس رپورٽ، انگ 71 ٿي ويو
آرمي چيف جي بنگلاديشي فوج جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ملاقات
امتحانن بابت تمام گهڻيون شڪايتون آهن، ڪا ٿرڊ پارٽي ناهي: سردار شاهه
افغانستان سان رڳو دهشتگردي نه روڪڻ تي اختلاف آهي، آرمي چيف
اوهان واٽس ايپ ۾ 2025ع جي پهرين وڏي تبديلي نوٽ ڪئي آهي؟
15 آءِ پي پيز سان نوان معاهدا منظور، بجلي سستي ٿيڻ جو امڪان
’پاڪستان ۾ پگهاردار طبقو ٽئڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو آهي‘
16 جنوري کان پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان
حڪمران سنڌو درياءَ جو رخ ريگستان طرف موڙڻ چاهين پيا
بمبلي مائنر مان پيرسن جو لاش هٿ،پوليس جاچ جاري
سنڌ لاءِ صرف 6 منصوبا رکڻ تي وفاق کي وڏي وزير جو خط
معاشي استحڪام لاءِ چين جي سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي
22 ڏينهن گذرڻ باوجود پي ٽي آءِ مطالبا لکت ۾ نه ڏنا آهن
عزير بلوچ پوليس اهلڪار سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس مان آجو
ڪلاڪ ۾ اُڪلائجندڙ ڪيسن ۾ ججن ورهيه لڳائي ڇڏيا: محسن اختر
ماحولياتي آلودگي به اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي:شرجيل ميمڻ
صدر ٽرمپ، غزا ۾ جنگبندي لاءِ پراميد، ڪنهن به وقت اعلان متوقع