تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) شروع کان ئي واٽس ايپ جو يوزر انٽرفيس سائي رنگ جو رهيو آهي، پر جيڪڏهن اوهان سائي رنگ بدران گلابي، ڄمون يا نيري رنگ واري واٽس ايپ جو استعمال ڪريو ته ڪيئن محسوس ڪندئو؟اوهان جو تجسس گهٽائڻ لاءِ ڪمپني طرفان واٽس ايپ ۾ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو پيغام رسائيندڙ ايپ جي صورت ئي بدلائي ڇڏيندو. واٽس ايپ طرفان ٿيمز فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ آزمائش جاري آهي، ميٽا جي هڪ ٻئي ميسنجر ۾ اهڙي قسم جو فيچر ڊگهي عرصي کان موجود آهي، واٽس ايپ ۾ به اهو فيچر متعارف ڪرائڻ بابت به وقت به وقت افواهه سامهون ايندا رهيا آهن. ويب بيٽا جي انفو جي هڪ رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيچر سان واٽس ايپ بلڪل تبديل ٿي ويندو، جڏهن ته واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ ٿيمز فيچر جو اشارو ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ اسڪرين شاٽ پڻ شيئر ڪيو ويو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته نئين فيچر کانپوءِ واٽس ايپ ڪيتري حد تائين تبديل ٿي ويندو. رپورٽ موجب، ان حوالي سان واٽس ايپ ۾ ٿيمز لاءِ هڪ مينيو ڏنو ويندو جنهن ۾ مختلف ڪلر اسڪيمز ۽ پسمنظرن جا آپشنز موجود هوندا. واهپيدارن طرفان جڏهن به ڪو ٿيم سليڪٽ ڪيو ويندو ته پسمنظر اميج سان گڏ چيٽ ببل جو رنگ پڻ تبديل ٿي ويندو، نئين ميمز جي مدد سان واهپيدار واٽس ايپ جو روايتي سائو رنگ تبديل ڪري سگهن ٿا. ٿيمز سان گڏوگڏ واٽس ايپ طرفان بيڪ گرائونڊ آپشنز کي به بهتر بڻايو پيو وڃي، تمام جلد واهپيدار ڊارڪ موڊ ۾ بيڪ گرائونڊ ۾ موجود اونداهي کي ايڊجسٽ ڪري سگهندا جنن لاءِ هڪ سلائيڊر واٽس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي. جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته في الحال فيچر جو اشارو بيٽا ورزن ۾ مليو آهي تنهنڪري اِهو ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو اِهو چوڻ مشڪل آهي. تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو