توجه ٽريننگ تي آهي اڳتي جو ناهيان سوچيندو، امام الحق

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين امام الحق چيو آهي ته منهنجو ڌيان اڄڪلهه ٽريننگ ڪيمپ تي آهي، مستقبل بابت نه ٿو سوچيان.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امام الحق چيو ته ٽيسٽ يا ون ڊي ميچون نه هجن ته به منهنجي روٽين ۾ ڪو فرق ناهي، منهنجي لاءِ ڪو آف سيزن ناهي.امام الحق چيو ته هتي سريلنڪا جي ٽرننگ وڪيٽن موجب کيڏندي مون کي پنهنجي سوئپ شاٽ کي بهتر بڻائڻو آهي، جنهن لاءِ سخت مشق ڪري رهيو آهيان.هن چيو ته جڏهن سريلنڪا خلاف سيريز ايندي ته ان بابت سوچيندس، جڏهن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ايندو ته ڏسندس.امام الحق جو چوڻ هو ته مان سڌو کائيندو آهيان يا ٽريننگ نه ڪندو آهيان، وزن وڌي ويندو آهي، سڄي سال جم جي ٽريننگ جاري رکندو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو