توشه خانه ڪيس، عمران ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي 14 سال قيد واري سزا معطل ڪري ڇڏي آهي. هو فوري طور آزاد نه ٿيندا ڇو ته ٻين ڪيسن ۾ کين سزائون مليل آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا معطلي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عمران خان طرفان علي ظفر دليل ڏنا، ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اپيل اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي؟ اپيل جي شروعات نه ڪنداسين، جيڪڏهن توهان چاهيو ته سزا جي معطلي لاءِ دليل ڏيو، ان تي علي ظفر چيو ته سزا معطل ڪرڻ بدران مرڪزي اپيل تي دليل ڏينداسين،چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي آهي، سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ نٿا رکي سگهون. سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جا دليل شروع ٿيڻ وارا آهن، خبر ناهي ڪيترو وقت لڳندو، توشه خانه ڪيس عيد کان پوءِ رکون ٿا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي، سزا معطلي جو ڪيس آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اهو نيب جو انتهائي ساراهه جوڳو موقف آهي، بعد ۾ عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي جي سزا معطل ڪري ڇڏي ۽ ٻنهي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا خلاف اپيل تي فيصلو عيد کانپوءِ ڪيو ويندو. ياد رهي ته توشا خانه ڪيس ۾ هلندڙ سال 31 جنوري تي اسلام آباد جي احتساب عدالت کيس 14 سال قيد، 10 سالن تائين عوامي عهدي لاءِ نااهل ڪرڻ ۽ 78 ڪروڙ 70 لک روپيا ڏنڊ جي سزا بڌائي هئي. جنهن جي هڪ ڏينهن بعد کيس عدت پوري ڪرڻ کانسواءِ بشرا بي بي سان شادي ڪرڻ جي ڪيس ۾ 7 سال سزا ٻڌائي وئي هئي. ان کان اڳ اسپيشل ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي قومي راز فاش ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اڄ جنهن ڪيس ۾ سزا معطل ٿي ان ۾ نيب جو چوڻ آهي ته جوڙي سعودي عرب مان مليل سون جي سيٽ وارن تحفن جي گهٽ ماليت لڳرائي حاصل ڪيا ويا. نيب موجب خان ۽ سندس گهرواري 108 تهفا گهٽ ويليو لڳرائي حاصل ڪيا آهن. بشرا بي بي 17 فيبروري تي مليل سزا کي چيلينج ڪيو هو ۽ ٻئي ڏينهن تي عمران خان سافر ڪيس ۽ توشا خانه ڪيسن ۾ مليل سزائن خلاف اپيل داخلون داخل ڪيون هيون. بشرا بي بي بني گالا کي سب جيل ڊڪليئر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به چيلينج ڪيو هو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 27 فيبروري تي اپيلون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏيندي ٽرائل ڪورٽ مان رڪارڊ 7 مارچ تائين طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.  عدالت اپيلن تي رجسٽرار پاران ڪيل اعتراض رد ڪيا هئا. اڄوڪي پيشي کان پوءِ علي ظفر عدالتي فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو ته اسانکي انصاف مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو