تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندڙ ٻارڙي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي

راڻيپور (ن س )راڻيپور ويجهو تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ روڊ پار ڪندي اسڪول ويندڙ ٻارڙي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ علي آباد لڳ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ويگن روڊ ڪراس ڪندڙ اسڪول ويندڙ 12 ورهين جي عاليا ڌيءَ عبدالغفور سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه شاگرد معشوق ۽ پرهه سولنگي سخت زخمي ٿي پيا.فوتي نينگري جو لاش ۽ زخمي ٻارڙن کي مقامي ماڻھن راڻيپور اسپتال پهچايو. پوليس پهچي ويگن ڊرائيور کي گرفتار ڪري ويگن تحويل ۾ وٺي ڇڏي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته فوتي نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو