منور برھماڻي
سنڌ ۾ پاڻي جو بحران انتها تي پهچي چڪو آهي، جتي هزارين ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙ زمين پاڻي جي کوٽ سبب ويران بڻجي رهي آهي. سنڌ جي دريائن ۾ پاڻي گهٽجي ويو آهي، زرعي زمينون بنجر بڻجڻ لڳيون آهن، ۽ عام ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ به ترسي رهيو آهي، گذريل ڇهن مهينن کان سنڌ جي عوام سراپا احتجاج آهي. مرد، عورتون، ٻار، پوڙها، سڀ پنهنجن حقن لاءِ روڊن تي آهن، رمضان جي هن مقدس مهيني ۾ به احتجاج جاري آهن، جيڪو سنڌ واسين جي جدوجهد ۽ مظلوميت جو واضح ثبوت آهي،سنڌ جي شعور جو جاڳڻ يقيناً هڪ مثبت تبديلي آهي، پر ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان حيرت جهڙي ڳالهه پاڪستان پيپلزپارٽي جو احتجاجي موقف آهي ، اها ساڳي پارٽي، جيڪا سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي ۽ جيڪا وفاق جي به اتحادي آهي، آخر اهو احتجاج ڪنهن خلاف پئي ڪري؟ جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي حملو ٿي رهيو آهي، ته پوءِ پيپلزپارٽي اقتدار ڇڏي عوام سان گڏ ڇو نه ٿي بيهي؟ تڪراري ڪئنال ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ، سنڌ جا ماڻهو سالن کان چئي رهيا آهن ته پنجاب پاران نوان ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو سنڌ لاءِ تباهيءَ جي برابر آهي،تاريخي طور، سنڌ سان پاڻي جي ورڇ ۾ ناانصافي ٿيندي رهي آهي، ۽ هاڻي وري نوان تڪراري ڪئنال ٺاهڻ جا منصوبا سنڌ جي زراعت کي مڪمل طور تي تباھ ڪري ڇڏيندا، ٻي پاسي 8 جولاءِ 2024 تي، ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ تڪراري ڪئنال جي منظوري ڏني وئي، جتي سنڌ جي زمينن کي ” گرين پاڪستان “ جي نالي لکي ڏئي وفاقي سطح تي ورهايو ويو ، ان وقت پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري هو، جيڪو ساڳئي وقت پيپلزپارٽي جو چيئرمين به آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته،جيڪڏهن اهو فيصلو غلط هو، ته پوءِ زرداري صاحب ان تي صحيح ڇو ڪئي؟ ڇا پيپلزپارٽي جي قيادت ان وقت بي وس هئي؟ ڇا اها صحيح گن پوائنٽ تي ورتي وئي؟ يا وري اقتدار خاطر سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو ويو؟ سنڌ ۾ جڏهن احتجاج شروع ٿيا، ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن بار بار دعويٰ ڪئي ته ”ڪو به ڪئنال نه پيو ٺهي، نه ٺهندو!“ پر جڏهن سيد زين شاھ ۽ سنڌ ٽي وي جي ٽيم چولستان پهچي، ڪئميرا ذريعي تڪراري ڪئنال جي تعمير ڏيکاري، تڏهن به پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ان کي ڪوڙو قرار ڏنو، جيڪڏهن ڪو به ڪئنال نه پيو ٺھي، ته پوءِ احتجاج ڇو ٿي رهيو آهي؟
جيڪڏهن ميڊيا جي رپورٽ ڪوڙي هئي، ته پوءِ پيپلزپارٽي پاڻ هن معاملي تي تحقيق ڪرائي سچائي عوام اڳيان ڇو نه آندي؟پيپلزپارٽي جي ٻٽي پاليسي سنڌي عوام سان ناانصافي ھميشه رھي آھي، پيپلزپارٽي پاڻ کي سنڌ جي حقن جي علمبردار پارٽي سڏي ٿي، پر جيڪڏهن اها واقعي سنڌ جي مفادن لاءِ سنجيده آهي، ته پوءِ هيٺيان عملي قدم ڇو نٿا کنيا وڃن؟
* جيڪڏهن وفاق سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي، ته پوءِ پيپلزپارٽي وفاق کان الھدگي ڇو نٿي ڪري؟
*جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي، ته پوءِ پيپلزپارٽي جا سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر استعيفائون ڇو نٿا ڏين؟
* جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي موقف مطابق ڪئنال جي تعمير غيرقانوني آهي، ته پوءِ ان خلاف عدالتي جنگ ڇو نٿ وڙهي ؟
*جيڪڏهن فيصلو زبردستي مڙهيو ويو، ته پوءِ زرداري صاحب اهو ڇو نه ٿو مڃي ته هن تي دٻاءُ هو؟ يا جيڪڏهن ان وقت غلط فيصلو ڪيو ويو، ته پوءِ هاڻي ان کي رد ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟
سنڌي عوام هاڻي باشعور آهي، اها ماضيءَ وانگر پ پ پ جي بيانن تي يقين نه ڪندي. عام ماڻهون پڇي ٿو ! پيپلزپارٽي، جيڪا سنڌ ۾ حڪومت ۾ آهي، احتجاج ڪنهن خلاف پئي ڪري؟
جيڪڏهن تڪراري ڪئنال سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي، ته پوءِ حڪومت ان کي روڪڻ لاءِ عملي قدم ڇو نٿي کڻي؟
احتجاج جي سياست سان سنڌ جي مسئلن جو حل نڪرندو يا وري اقتدار کان دستبردار ٿيڻ سان؟
سنڌ جو پاڻي ۽ زمينون وڪڻي اقتدار ماڻيندڙن کان سنڌ جو عوام ڪهڙي توقع رکي؟
مگر ھاڻ سنڌي قوم جاڳي پئي آھي ، سنڌي عوام هاڻي پپلزپارٽي جي انهن سياسي چالن کي سمجهي چڪي آهي،ماڻهن کي خبر پئجي وئي آهي ته اقتدار خاطر سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو ويو، عوام پنهنجي حقن لاءِ بيٺي آهي،سنڌي عوام هاڻي انهن سياسي ڊرامن جو حصو نه بڻجندي. سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جو سودو ڪندڙن کي سڃاڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. عوام هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته پنهنجي حقن لاءِ ڪنهن تي ڀروسو ڪجي ۽ ڪنهن کي رد ڪجي،پيپلزپارٽي کي به سمجهڻ گهرجي ته عوام کي هاڻي خالي بيانن سان بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي، سنڌ جي عوام کي عملي قدمن جي ضرورت آهي، نه ڪي صرف احتجاجي سياست جي. اگر پيپلزپارٽي واقعي سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ عوام جي حقن لاءِ سنجيده آهي ته ان کي زباني دعوائن بدران فيصلائتي عمل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ عوام جو اعتماد وڃائڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو ۽ سنڌي عوام مستقبل ۾ انهن عنصرن کي رد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي قيمت تي اقتدار ۾ رهڻ چاهين ٿا،
سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن جا آهن،سنڌ جو عوام هاڻي فيصلو ڪري چڪو آهي ته ڪير ساڻس مخلص آهي ۽ ڪير رڳو بيان بازي سان وقت گذاري رهيو آهي، احتجاج هاڻي صرف رسمي اعلان نه رهندو، پر عوام جو حقيقي ردعمل بڻبو، سنڌ جي وسيلن تي وار ڪندڙ، پاڻيءَ جي ورڇ ۾ زيادتي ڪندڙ ۽ سياسي چالون هلائيندڙ هاڻي عوام کان حساب وٺڻ لاءِ تيار رهن،
سنڌ هاڻي جاڳي چڪي آهي، ۽ عوام پنهنجي حقن لاءِ حقيقي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهي!
