تڪراري ڪينالن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) ميرپورماٿيلو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو سامراج ڏاڍ زبردستي ڪري 6 نوان ڪئنال ڪڊي سنڌ بنجر بڻائڻ چاھي ٿو جيڪا سازش ڪنھن به صورت ۾ قابل قبول ناھي اڳواڻ تفصيل موجب سنڌو درياءَ مان نوان ڇھ ڪئنال ڪڊڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف جئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي مختلف قوم پرست پارٽين پاران ڊگري ڪاليج ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڊي وئي جيڪا ريلي شهر جي مختلف رستن تان گشت ڪري ڀٽائي چوڪ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ريلي م مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن قوم پرست سول سوسائٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌو درياءُ تي ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڪمال مهر نظير احمد شيخ. جسقم شهيد بشير خان قريشي جي اڳواڻ ميرحسن لاشاري جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ اڪرم ميتلو جبار شر شرف دين انڙ شعبان مهر خالق ميتلو نظام ڪلوڙ ۽ ٻين چيو ته ھزارن سالن کان سنڌو درياء جا وارث ۽ مالڪ اسان سنڌي رھيا آھيون. سنڌو درياء جي ڪري اسان جي وطن جو نالو سنڌ رکيل آھي پنجاب پنجن درياھن جي حوالي ۽ مالڪي سان سڃاتو وڃي ٿو جنهن ۾ سنڌو درياء شامل نه آهي اڳواڻن چيو ته پنجاب سامراج ڏاڍ زبردستي ڪري 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿو جيڪا سندس ھڪ وڏي سازش آهي جيڪا ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ سامراج جي شازش کي ناڪام بڻائينداسين ،

بدين: بدين ۾ سجاڳ عورت فورم طرفان وفاقي سرڪار طرفان نڪرندڙ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف بلاول پارڪ کان ايوان صحافت بدين تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.انهي موقعي تي عورتن بختاور جمالي شازيه احمداڻي حميده خاصخيلي سعيده پروين ڳالهائيندي چيو ته اڄ سموري سنڌ جا ماڻهو روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن مرد عورتون ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻا هڻي اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري ختم ڪيو وڃي.مظاهرين چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃان تائين وفاقي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ اهو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ دشمن منصوبو آهي جيڪو فوري طور ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هي احتجاج تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندا

پهنجو تبصرو موڪليو