تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال مامري تي ارسا پاران پنجاب جي حمايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ارسا گريٽر ٿل ڪئنال معاملي تي سنڌ حڪومت پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن اماڻيل سمري جو جواب ڏيندي پنجاب حڪومت جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.سنڌ طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن اماڻيل سمري جي هر پيرا جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان گريٽر ٿل ڪئنال ڪڍيو، جيڪو 17 لک 39 هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز هڪ تي 2001 ۾ ڪم شروع ٿيو،ارسا موجب 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت 5900 ڪيوسڪ پاڻي جي منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته گريٽر ٿل ڪينال جي اصل ضرورت 2 ڏهائي 497 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن سان خوشاب، بکر، ليا ۽ جهنگ جي زمين آباد ٿيندي. سموري سنڌ جي احتجاج کي پوئتي اڇلائي ارسا جي 3ميمبرن ان منصوبي جي حمايت، 2 مخالفت ۽ سنڌ اسيمبلي 28 فيبروري 2023ع تي گريٽر ٿل ڪئنال خلاف قرارداد منظور ڪئي هئيارسا جواب ۾ لکيو ته 1991ع جي معاهدي ۾ سنڌ گريٽر ٿل ڪئنال کي ڏنل پاڻي تي اعتراض نه ڪيو هو، سنڌ اسيمبلي جي قرارداد ۽ سنڌ جي احتجاج تي ارسا نوڪمينٽس لکي ڇڏيو آهي واضح رهي ته سنڌ حڪومت پنجاب ۾ 200 ارب روپين کان وڌيڪ نون آبپاشي منصوبن جي منظوري تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو