جائيڪا ۽ سنڌ وچ ۾ چوپائي مال جي نسلي بهتري لاءِ سهڪار تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي وفد ۽ سنڌ جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻيءَ وچ ۾ اڄ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ چوپائي مال جي نسلي بهتريءَ لاءِ سهڪار کي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جو مرڪزي محور جائيڪا جي جاري فني سهڪار واري منصوبي تي رهيو، جنهن جو مقصد ڪُنڍي مينھن جي نسل ۾ بهتري آڻي، کير جي پيداوار وڌائڻ ۽ هارين جي آمدني ۾ اضافو آڻڻ آهي۔ جائيڪا جي وفد ۾ ڊاڪٽر يومي ڪرينو، محترمه يوميڪو فڪوشيما، ريڪا هاڪامادا، عامر بخاري شامل هئا، جڏهن ته لائيواسٽاڪ کاتي جي وفد ۾ ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙو ڊائريڪٽر جنرل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمَل هيلٿ، ڊاڪٽر علي اختر شاهاڻي، ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالله سيٺار ۽ ٻيا ماهر شريڪ ھئا. “سنڌ ۾ چوپائي مال جي نسلي بهتري لاءِ فني مدد (ڪُنڍي مينھن) وارو منصوبو 2023 کان 2026 تائين جاري رهندو ۽ ان کي ڊائريڪٽوريٽ آف اينيمَل بريڊنگ، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي سهڪار سان لاڳو ڪيو پيو وڃي. منصوبي جو مقصد شجري جي رجسٽريشن، کير جي پيداوار جي جاچ، محفوظ بڻايل ٻج (Frozen Semen) جي تياري، ۽ آرٽيفيشل انسيمينيشن (Artificial Insemination – AI) جي واڌاري جهڙن اهم معاملن کي مضبوط ڪرڻ آهي۔ اجلاس کي خطاب ڪندي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ چيو ته سنڌ حڪومت، چوپايو مال پالڻ واري شعبي کي جديد طرز تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ بين الاقوامي تجربي مان فائدو وٺي، سائنسي طريقن سان نسل بهتري واري عمل کي تيز ڪرڻ چاهي ٿي. هن چوپائي مال جي شعبي جي پائيدار ترقي ۾ نسلي بهتري جي اهميت کي اجاگر ڪندي، نسلي چونڊ، آرٽيفيشل انسي مينيشن، ۽ هارين جي تربيت جي تسلسل تي زور ڏنو۔جائيڪا جي وفد، منصوبي جي اڳڀرائي بابت تفصيل پيش ڪندي، کير جي وڌيڪ مقدار ڏيندڙ مينھن جي چونڊ، پاليل جانورن جي رجسٽريشن، ۽ کير جي معيار کي جاچڻ لاءِ عملدارن جي تربيت تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان سان گڏوگڏ، وفد آرٽيفيشل انسي مينيشن واري عمل جي واڌاري، AI ٽيڪنيشنن جي صلاحيتن کي وڌائڻ، اعليٰ معيار جي محفوظ ڪيل ٻج جي تياري ۽ تقسيم بابت پڻ تفصيل سان روشني وڌي. وفد اڳواڻن جائيڪا منصوبن جي ڪاميابين کي برقرار رکڻ لاءِ تربيتي پروگرامن، نسلن جي واڌ ويجهه لاءِ پلان تي عملدرآمد، ۽ “وڇيرن ۽ پاڏن کي ذبح ٿيڻ کان بچائڻ واري مهم” (Calf Salvation Initiative) جهڙن پائيدار قدمن کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جنهن جو مقصد قابلِ قدر نسل وارن ننڍن ٻچن کي ذبح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. ان موقعي تي، وزير محمد علي ملڪاڻيءَ جائيڪا وفد تي زور ڏنو ته ان منصوبي کي وسعت ڏئي ٻين ضلعن تائين وڌايو وڃي تہ جيئن ان ۾ وڌيڪ لاڀ ملي سگھي ۽ جائيڪا کي ان ڏس ۾ پنھنجو تڪينيڪي سھڪار جاري رکڻ گھرجي. هن اهو پڻ اشارو ڏنو ته جانورن جي رجسٽريشن ۽ کير جي مقدار وڌائڻ وارن منصوبن ۾ عالمي بئنڪ جو سهڪار پڻ حاصل ھوندو.وزير محمد علي ملڪاڻيءَ جائيڪا جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي، نسلي بهتري جي ڊگهي مدي وارن منصوبن جي اهميت تي روشني وڌي، ته جيئن کير جي پيداوار ۾ اضافو، بهتر نسلن جي واڌاري، ۽ سنڌ ۾ مال چارين جي شعبن جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته هو جدت ۽ بين الاقوامي سهڪار ذريعي، چوپائي مال جي پيداوار وڌائڻ ۽ هارين لاءِ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ تي پنهنجي ڪوششون جاري رکندي۔ اجلاس مثبت ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتو، جتي ٻنهي ڌرين سنڌ ۾ چوپائي مال جي نسلي بهتري لاءِ وڌيڪ مضبوط سهڪار ۽ اثرائتي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو