جان باس، پاڪستان ۾ اقتصادي، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ڪئي، ملر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته قائم مقام آمريڪي نائب پرڏيهي وزير جان باس سان پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته جان باس دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته جان باس آمريڪا ۾ افغانين جي آبادڪاري ۾ مدد تي پاڪستان جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته قائم مقام آمريڪي نائب پرڏيهي وزير علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو