سکر (ن س )سکر جي عدالت صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي فريادي ڌر طرفان مک جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪيس نه هلائڻ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. فريادي ڌر جي وڪيل مک جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪيس نه هلائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي. درخواست وڪيل موقف اختيار ڪيو ته صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار 18 مهينن کان گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، فريادي ڌر کي خطرو آهي. درخواست جي متن موجب، فريادي ۽ شاهدن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، مک جوابدار گرفتار نه هئڻ سبب حاضري تي نٿا اچي سگهن، پهريان مک جوابدار گرفتار ڪيا وڃن جنهن کانپوءِ گڏيل طور ڪيس هلايو وڃي.عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.صحافي جان محمد مهر کي 13 آگسٽ 2023ع تي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو.قتل ڪيس ۾ مک جوابدار شيرو مهر، گلزار مهر، جمن مهر، روشن مهر، محسن مهر، نصير مهر ۽ ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.ڇهه جوابدار بخشل مهر، بابر مهر، منور مهر، بشير مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ ضمانت تي آزاد آهن.
