جاپان ۾ رهندڙ سنڌين پاران سماجي تنظيم قائم، خدمت جو عزم

خيرپور (سجاد ڪٻر)جاپان ۾ رهندڙ سنڌين ‘سنڌ پاڪستان سرڪل جاپان’ جي نالي سماجي خدمت لاءِ فورم ٺاهيو آهي. هي فورم هڪ پاسي جاپان ۾ سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو ته ٻئي پاسي سنڌ۾ رهندڙ غريب مسڪينن جي مالي ۽ قانوني مدد فراهم ڪندو. جاپان ۾ تعليم ۽ روزگار سانگي ايندڙ سنڌين کي مڪمل رهنمائي ۽ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي. جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي سماجي ڀلائي ، تعليم ، روزگار، مالي مدد به فراهم ڪندو. چاپان ۾ رهندڙ دادو واسي رفيق چنا کي صدر، سکر جو عبدالحميد سومرو نائب صدر، جنرل سيڪيريٽري ٺري ميرواهه جو رهواسي رضوان بهليم ، جوائنٽ سيڪريٽري دادو سان تعلق رکندڙ توفيق احمد چنا، فنانس سيڪريٽري حيدرآباد سان تعلق رکندڙ عطاءُ الله رحمان سومرو ، ڪوآرڊينيٽر جي عهدي لاءِ خيرپور ضلعي جي شهر سيٺارجا جي رهواسي منور علي ڪٻر ، پريس سيڪريٽري نوشهري ضلعي جي محرابپور شهر سان تعلق رکندڙ محمد عمر لاشاري کي چونڊيو ويو. سندن چوڻ آهي ته اسان سنڌ جي غريبن ، مسڪينن کي يقين ٿا ڏياريون ته پنهنجي وس آهر  انهن غريبن جي تنظيم جي  پليٽ فارم تان صاف پاڻي، روزگار، غريب آبادگارن کي مفت ٻج، ڀاڻ مهيا ڪرڻ ، غريب گهراڻن جي نياڻين کي ڏاج مهيا ڪرڻ، غريب معصوم ٻارڙن ، عورتن سان جنسي زيادتيون ڪري عزتون لٽيندڙن کي قانوني گرفت ۾ آڻڻ لاءِ مالي مدد، مفت قانوني وڪيل ڪري ڏيڻ کان علاوه ٻيا سماجي ڀلائي جا ڪم ڪيا ويندا. هنن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جي شهرن مان باڪردار ايماندار ، انسانيت جو درد رکندڙ نمائندن کي چونڊيو ويندو جيڪي اهڙن غريب مسڪين ماڻهن جي نشاندهي ڪري ڊيٽا اسان کي مهيا ڪندا جنهن بعد سنڌ ۾ هڪ اهڙي ٽيم جوڙبي جيڪا ان جي جاچ ڪري تصديق ڪندي ۽ ان بعد سندن مدد ڪئي ويندي. رفيق چنا ٻڌايو ته  جديد ٽيڪنالوجي واري ملڪ جاپان ۾ ويهي جڏهن سنڌ جي غريب ماڻهن جا ڏک سور ڏسندا آهيون ته دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي سنڌ زراعت ۽ معدنيات سان مالا مال هئڻ باوجود سنڌ جي معاشي طور تباهي جي ور چڙهي وئي آهي جنهنڪري سنڌ جا غريب ماروئڙا بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن اهڙو سنڌ واسين جو درد محسوس ڪندي اسان هن تنظيم جو بنياد وڌو آهي هن چيو ته  هر سال جيان هن سال به سنڌي قوم سان گڏ ثقافتي ٽوپي ، اجرڪ وارو ڏهاڙو ڊسمبر جي پهرين آچر تي پاڪستان ايمبيسي ٽوڪيو ۾ ملهايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو