جبران ناصر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سماجي ڪارڪن جبران ناصر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي وفاق، صوبائي حڪومتن ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سماجي ورڪر جبران ناصر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.واضح رهي ته ان کان اڳ سماجي ڪارڪن جبران ناصر کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ جبران ناصر ايڊووڪيٽ چيو آهي ته 27 جون 2023ع تي مان عيد جون موڪلون گهروارن سان گڏ گذارڻ وڃي رهيو هوس، مان ۽ منهنجي زال اميگريشن ڊيسڪ تي پهتاسين ته ايگزٽ اسٽيمپ سان واپس موڪليو ويو.هن چيو ته ڊيوٽي تي موجود آفيسر خان ٻڌايو ته کيس چيو ويو ته اسان کي نه وڃڻ ڏيو، اسان جو سامان به بند ڪيو ويو آهي.درخواستگذار جبران ناصر ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته پهرين جون تي به مون کي 10 کان 15 نامعلوم ماڻهن اغوا ڪيو هو.هنن جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن کي اي ڪلاس ڪيو ويو آهي، مون کي ۽ منهنجي زال کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.درخواستگذار چيو ته ايف آءِ اي اهلڪارن خلاف جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو