ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوجوانن کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڊجيٽل مهارتون ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت گوگل ۽ ٽيڪ ويلي جي تعاون سان صوبي جي 30 سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ 30,000 کان وڌيڪ گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن قدمن کي باضابطه بڻائڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. اجلاس ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، سيڪريٽري وزيراعليٰ رحيم شيخ، چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ پروفيسر طارق رفيع، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري آئي ٽي نور سمون، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ، 30 سرڪاري يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز، ٽيڪ ويلي پاڪستان جي سي اي او عمر فاروق ۽ ٻين لاڳاپيل فردن شرڪت ڪئي. وزيراعليٰ چيو ته هن قدمن جو مقصد شاگردن کي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، آئي ٽي آٽوميشن، ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ جهڙن اهم شعبن ۾ جديد ڊجيٽل مهارتون مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو بدلجندڙ روزگار جي موقعن مان بهتر فائدو حاصل ڪري سگهن. مراد علي شاهه چيو ته 2024 گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ سنڌ پروگرام جي ڪاميابي کانپوءِ، جنهن ۾ 10 يونيورسٽين جي 1,500 شاگردن 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي، 2025 ۾ هن پروگرام جي توسيع سنڌ حڪومت جي ڊجيٽل ترقي ۽ انساني وسيلن جي بهتري واري عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعليٰ هن پروگرام جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي شراڪتداري اسان جي انهيءَ نظرئي جي عڪاسي ڪري ٿي ته سنڌ کي جدت ۽ مهارتن جي واڌاري جو مرڪز بڻائجي. هن وڌيڪ چيو ته 30,000 کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي رڳو تعليم ۾ سيڙپڪاري ناهي، پر اها اسان جي نوجوانن جي مستقبل ۽ صوبي جي اقتصادي ترقي ۾ سيڙپڪاري پڻ آهي. گوگل جي ماهرن طرفان تيار ڪيل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ پروگرام تحت شاگردن کي لچڪدار آن لائين تعليمي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن ذريعي هو روايتي ڊگري کانسواءِ به ٽن کان ڇهن مهينن ۾ لاڳاپيل صنعت جي تصديق ٿيل سندون حاصل ڪري سگهن ٿا. وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪاميابين ۽ ڪيريئر جي ترقي بابت ڳالهائيندي چيو ته گذريل بيچ جي فارغ التحصيل شاگردن نالي وارن ڪمپنين ۾ نوڪريون ۽ انٽرن شپس حاصل ڪيون، جتي انهن جون پگهارون 70,000 رپيا کان 16 لک رپيا ماهوار تائين هيون. هن مثال ڏيندي چيو ته اهڙي ئي هڪ ڪامياب ڪهاڻي ليلا ڪمار جي آهي، جيڪا يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشوري جي شاگردياڻي آهي. هن گوگل جو مصنوعي ذهانت وارو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ ايولوشن ڪمپني ۾ هڪ پروجيڪٽ انٽرن شپ حاصل ڪئي. وزيراعليٰ وڌيڪ چيو ته گوگل هن جي ڪهاڻي کي اجاگر ڪيو، جيڪو هن قدم جي حقيقي اثرن کي ظاهر ڪري ٿو. گوگل جي گورنمينٽ افيئرز ۽ پبلڪ پاليسي ليڊ ڪائل گارڊنر هن قدمن جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته گوگل هن ڳالهه لاءِ پرعزم آهي ته ماڻهن کي اهي ڊجيٽل مهارتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي اڄ جي معيشت ۾ ڪاميابي لاءِ ضروري آهن. هن شراڪتداري ذريعي سنڌ جي شاگردن کي عالمي معيار جي تربيت تائين رسائي حاصل ٿيندي، جيڪا نه رڳو انهن جي ڪيريئر جا نوان موقعا کوليندي پر معاشي ترقي کي به هٿي ڏيندي. سيڪريٽري آئي ٽي نور سمون وزيراعليٰ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2025 جو پروگرام شموليت ۽ رسائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ عورتون هونديون ته جيئن جنسي برابري کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته هي قدم پوئتي پيل ۽ گهٽ وسيلن وارن طبقن تائين رسائي تي به ڌيان ڏيندو ته جيئن سڀني کي هڪجهڙا تعليمي موقعا فراهم ڪري سگهجن. هن پروگرام کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي 30 سرڪاري يونيورسٽين سان شراڪتداري ڪئي ويندي. شرڪت ڪندڙن کي نون خاص ڪورسن ۾ تربيت ڏني ويندي، جن ۾ مصنوعي ذهانت سان گڏ ٻه نوان ڪورس پرامپٽنگ ۽ ايجائل به شامل هوندا. وزيراعليٰ چيو ته گذريل سال متعارف ڪرايل سافٽ اسڪلز اينڊ ڪيريئر ڪاميابي سنڌ پروگرام به جاري رهندو، جنهن تحت شاگردن کي سي وي لکڻ، انٽرويو جي مهارتن ۽ مؤثر ڳالهائڻ جي تربيت ڏني ويندي ته جيئن انهن جي روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿئي. وزير تعليم سردار شاهه چيو ته 30,000 کان وڌيڪ اسڪالرشپس جي فراهمي سان ٽيڪ ويلي نه رڳو مهارت سيکاري رهي آهي، پر مستقبل سنوارڻ ۽ هڪ باصلاحيت انساني وسيلن کي تيار ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو سنڌ جي ڊجيٽل معيشت کي اڳتي وڌائيندو. وزيراعليٰ آخر ۾ چيو ته حڪومت ۽ انڊسٽري جي مضبوط شراڪتداري سان هي قدم سنڌ ۾ ڊجيٽل تعليم لاءِ هڪ نئون باب کوليندو، جيئن شاگرد عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ مقابلي جي قابل ٿي سگهن ۽ صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن.
