جرمني ۾ ڪورونا سبب روزاني موت جو انگ وڌي 130 ٿي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) يورپ ۾ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آبادي جي لحاظ کان يورپ جي ٻئين وڏي ملڪ جرمني ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڪورونا سبب روزانو فوتين جو انگ 50 کان 130 تائين پهچي ويو آهي ملڪ ۾ ڪيسن جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي جرمني جي صحت واري وزير شهرين کي ماسڪ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. ان کان علاوه ، جرمن حڪومت آڪٽوبر کان مارچ تائين دڪانن ۽ ريسٽورنٽ ۾ ماسڪ لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو