جرمن چانسلر جي روس جي صدر کي 2 سالن کانپوءِ ٽيليفون ڪال

ماسڪو (ويب ڊيسڪ)يوڪرين جنگ جي محاذ تي امن ڏانهن اڳڀرائي، جرمن چانسلر اولاف شولز ٻن سالن کانپوءِ روسي صدر پيوٽن سان فون تي رابطو ڪيو آهي.روس جي صدر چيو ته هن ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، يوڪرين ان ۾ رنڊڪ آهي.هن چيو ته ماسڪو اڃا به ڳالهين جي بحالي لاءِ تيار آهي پر معاهدي لاء، تڪرار جي روٽ کي ختم ڪرڻ گهرجي.صدر پيوٽن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي معاملن تي روس جا تحفظات دور ڪيا وڃن ۽ علائقائي حقيقتن کي نظر ۾ رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو